246

خطي جي جٽادار امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪشمير واري تڪرار جو حل اڻٽر آهي: محبوبه مفتي

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي چيو آهي ته ڄمون ڪشمير کي موجوده بحران مان ڪڍڻ ۽ خطي جي جٽادار امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪشمير جي تڪرار جو حل اڻٽر آهي. هن چيو ته مودي حڪومت جي طاقت جي وحشياڻي استعمال واري پاليسي جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق والاريل ڄمون ڪشمير جي اڳوڻي وزير اعليٰ محبوبه مفتي راجوڙي ۽ پونچ جي ضلعن جي دوري دوران پارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سرحدن تي امن بحال ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشمرين جي خونريزي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي جنهن جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل اڻٽر آهي. محبوبه مفتي چيو ته ڪشمير مسئلو نه مذهبي آهي ۽ نه ئي امن امان جو مسئلو آهي. جنهن کي ڀارت جي حڪمران پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي( بي جي پي) اهڙو مسئلو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته اهو هڪ نج سياسي مسئلو آهي جنهن  جو بنياد ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي ابتڙ آهي. هن پاڪستان ۽ ڪشميري عوام  خاص طور تي  نوجوانن سان ڳالهيون ڪرڻ جي حمايت ڪئي. هن 15 آگسٽ 2019ع کي ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو باب  قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي حڪوت کي ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي بحال ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ساڻس جنرل سيڪريٽري سريندر چوڌري، اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر يشپال شرمه ، فردوس ٽاڪ، ايم آر قريشي ۽ پارتي جا سينيئر اڳواڻ به موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو