156

عوامي نمائندن جي نااهلي جون درخواستون گڏ ڪريو، هڪ ڀيرو ئي فيصلو ڏينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرار آفيس کي عوامي نمائندن جي نااهلي لاءِ داخل سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت رجسٽرار آفيس کي حڪم ڏنو ته عوامي نمائندن جي نااهلي لاءِ داخل سموريون درخواستون گڏ ڪيون وڃن. عدالت چيو ته 9 مارچ تي سموريون درخواستون گڏ ڪري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون وڃن، عوامي نمائندن جي نااهلي لاءِ داخل سمورين درخواستن تي هڪ ڀيرو ئي فيصلو ٿيندو، هڪ ئي ڀيرو هي معاملو اڪلائڻ چاهيون ٿا ته جيئن سائلين کي ٻڌي سگهون. عدالت جو چوڻ هو ته عدالتن کي سياسي معاملن ۾ استعمال ڪرڻ سان عدالت جو نقصان ٿئي ٿو، جڏهن ڪنهن عوامي نمائندي کي نااهل ڪنداسين ته نقصان تڪ جي عوام جو ٿيندو آهي، جسٽس کوسا پارليامينٽ کي اهو به چيو هو ته 62 ون ايف ۾ ترميم ڪريو، جيڪڏهن ائين ئي هلندو رهيو ته اسان سڀ ان قانون تحت نااهل ٿي سگهون ٿا. عدالت جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان فيصلو ڏنو ته هن ڀيري نااهلي وارين سمورين درخواستن کي گڏ ڪري ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو