ليکڪ: پير غلام مجدد سرهندي
خوابن جي دنيا گھمائڻ کان پوءِ وزيراعظم صاحب نيٺ اھو مڃيو ته تبديلي مون اڪيلي جي وس جي ڳالهھ ناھي، جي اھو مڃيوسين ته پوءِ آصف علي زرداري واري مفاھمتي پاليسي وارو فارمولو درست قرار ڏيڻو پوندو، جي اڍائي سالن جي تباھي کان پوءِ اھوئي ڪرڻو يا چوڻو ھو ته پوءِ اسانجي ساده دل عوام کي خواب ڇو ڏيکاريا ويا؟ موصوف اڃان به ڇڏي نه ٿو پاڻ ۽ سندس حواري پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا يا وري سوشل ميڊيا تي نواز شريف جي ڪرپشن جا اشتھار ھلائي پنھنجي سپاھين جي ڪرپشن جي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ مستقل اھي خواب ڏيکاري رھيو آھي جنھنجي ڪا تعبير ناھي، پاڪستان جو پيڙھيل عوام ھڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ پنجاھ لک گھرن ۽ ملڪ جي ٻاھر ھنڊي ٿيل دولت جي واپسي جي آسري تي مڱن جي دال کائڻ لاءِ پريشان آھي، مذھبي ڇڪتاڻ، ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جھڙي نازڪ اشو کي انتھائي غير سنجيدگي سان ھينڊل ڪرڻ، نيب جو مخصوص ماڻھن جو احتساب ڪرڻ، خان صاحب جو وعدو ھو ته لٽيل پيسو واپس ايندو، انويسٽمينٽ زرمبادلي جي صورت ۾ ملڪ ۾ ايندي، ڊالر کي گھٽ ڪنداسون پر وزارت خزانا ان ۾ به مڪمل ناڪام آھي ڊالر جي سئو سٺ کان مٿي واري يڪي عدم استحڪام واري صورتحال جاري آھي، اڳيان قرض اتي ئي وري قرض پيا ورتا وڃن، پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي ايتري قدر جو ڪشمير جي معاملي تي ھڪ به مسلمان ملڪ اوھان سان گڏ بيٺل ناھي، انڊيا جو سلامتي ڪائونسل جو پھريون ڀيرو ميمبر ٿيڻ اسانجي پرڏيهي پاليسي جي منھن تي ٿڦڙ آھي، تعليمي بورڊ افراتفري جو شڪار آھي، سليبس جو روز روز بدلجڻ ان مان اسلامي شعار ختم ڪرڻ، پنھنجن ھيروز جا مضمون ختم ڪري لاتعلق شخصيتن جا احوال ٿوڦڻ، پوري ملڪ ۾هڪجهڙي تعليمي نظام جو وعدو به ھنن کان وفا نه ٿيو، امن امان جي صورتحال سيالڪوٽ واري واقعي کان پوءِ ۽ ساھيوال ويجھو ٻارن جي سامھون سندن والدين جي قتل واري دل ڌوڏيندڙ واقعي کان پوءِ لڪل ناھي، اھو ئي سبب آھي جو عوام جي راءِ بڻبي پئي وڃي ته جيتو ڻيڪ پي،ڊي، ايم ۾ شامل سياسي پارٽين عوام جي ان طرح سان خدمت نه ڪئي جيڪا عوام اميد رکندو آھي پر انھن پارٽين جي تجربيڪار سياسي رھنمائن جون پاليسيون گھٽ ۾ گھٽ ھھڙيون ھاڃيڪار ڪونه ھيون، سنڌ جو باشعور مجبور عوام صوبي جي منتظم اعلي’ کان وٺي پارٽي جي ھر ڪردار مان مطمئن نه ھئڻ باوجود ٻي واھ نه ڏسي بار بار ساڳيو زھر جو ڍڪ پيئڻ لا ءِ انھي ڪري تيار آھي جو صوبي ۾ ايندڙ ٻاھريان ماڻھو خواب ڏيکاريو واپس وڃن ٿا ته وري سار به نٿا لھن.