157

بار جون چونڊون ۽ وڪيلن جا حل طلب مسئلا…

ليکڪ: ايڊووڪيٽ غضنفر سولنگي

هن وقت سنڌ جي بار سياست جا چوٻول عام آهن، پاڻ هتي سونهاري سنڌ جي سرسبز ۽ کجين جي ديس واري ضلعي  خيرپور  جو ذڪر ڪنداسين هي ضعلو هن وقت سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ضعلو ليکو  وڃي ٿو، جيڪو 8 تعلقن تي مشتمل آهي هن ضلعي ۾ جتي  پيرن،  ميرن  ۽ سياسي اڳواڻن جي اڪثريت رهي ٿي اتي ئي هنن ليڊرن جو اثر زندگي جي هر شعبي ۾به  نظر اچي ٿو، وڪيلن جي بار پوليٽڪس ۾ پارٽين جو اثر هر روز وڌندو پيو وڃي، هر سياسي تنظيم ڪنهن نه ڪنهن وڪيل سان ملي انهي کي ڪامياب ڪرائي پنهنجا سياسي ۽ انفرادي مقصد پورا ڪري ٿي سالن کان ساڳيا ئي چهرا ساڳين ئي عهدن تي اچي وڃن ٿا انهي جي ڪري ئي بار ۽ وڪيل صاحبن جا مسئلا اتي ئي رهجيو وڃن،ڪروڙن جي بجيٽ ۽ ٻيون مراعتون  ڪاري ڪوٽ جي ڪم نه اچي سگهيون آهن، ميڊيڪل الائونس ۽ آفيسن جا دلاسا ڏئي هميشه رڻ ۾ روليو ويو آهي، برادري جي ڀائرن جي ڏکن ڀري وقت ۾ ڀرجهلو ٿي اڳيان اڳيان اچڻ ۽ انهن جي زندگين کي بهتر کان بهتر بڻائڻ ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي خوشيون ڏيڻ  اهيو ئي   پنهنجو مقصد  سياسي وڪيل بڻائين پر پاڻ وٽ ته قصو ئي اور آهي، سنڌ جي سياست جيان وڪيل ويچارا به ٻين جي سهارن ۽ آسرن تي رهندا پيا اچن، پاڻ وٽ  نه ته ڪو هنن دوستن جي لاءِ ڪو خاص طبعي سهولت جو ادارو آهي، نه ئي ڪو ان جي ٻارن جي پڙهائي لکائي لاءِ  جدا اسڪول، اسڪالرشپ يا وري جديد دنيا سان هلڻ جهڙو  ڪو سهولتن ڀريو نظام جڙي سگهيو آهي، سرڪار کان پنهنجا مقصد ۽ مفاد پاسي تي رکي جيڪڏهن بار پوليٽڪس جا شهزادا ڪروڙن جا بيجا خرچ پنهنجن وڪيلن لاءِ  خرچ ڪندا ته هوند  بار جي سياسي افق ۽ دوستن جي دلين ۾ زندھ رهندا جيڪو ئي اصل ۾ زندگي جو وڏو ڪامياب ڪيس هوندو، پنهنجي نوازي هتي به نروار آهي اليڪشن ۾ سال بدران  ٻه ٻه سال به لڳيو وڃن،  هر هر اليڪشن شيڊول به تبديل ٿيندا رهن ٿا ته وري ووٽر وڪيلن جا ووٽ به گم ڪيا وڃن ٿا، هر بار سال جا ڊيوز ۽ ڊائري ڏئي ووٽ وٺندڙ وڪيل اڳواڻ  دوست اڳتي انصاف ڪيترو ڪري سگهندا هوندا، ڪروڙن جو قرب  ڀريو سوال  اهيو پڻ ته آهي، ڪجهھ سالن کان ئي  خيرپور ضلعي جي بار وڃي چار تعلقن ته پهتي آهي، جنهن ۾ مشڪل سان ئي ٻه هزار وڪيل هوندا ضلعي بار جي ٻڌي ڪيتري متاثر ٿي آهي اهيو ته  هڪ عام وڪيل ئي سمجهي سگهي ٿو، سنڌ بار جي ضلعي اليڪشن  ڊسمبر جي مھيني ۾ ٿيڻي هوندي آهي جيڪا جنوري گذري وڃڻ کان پوءِ ناهي ٿي ۽   پتو به ناهي پئجي سگهيو ته  ڪڏهن ٿيندي ۽ ٿيندي  به يا نه؟؟؟  انهي جي ذميوراي ته  سنڌ   بار ڪائونسل  تي ئي لاڳو ٿئي ٿي، ته هو  بار جي اليڪشن جو شيڊول پڌرو   ڪري ۽ تعلقن جي بار مان واپس ضلعي جون بار ڪري، سڀني وڪيلن کي پنهنجي ووٽ  جو حق ڏيارين  ۽  اهڙو قانون  به جوڙين جو هڪ عهدي تي  هڪ ڀيرو چونڊجي آيل اميدوار  وري ٻئي سال ساڳئي عهدي تي نه اچي، ٻيو  اهم ترين قدم  اهو ته اليڪشن ۾ سياسي پارٽين جي مداخلت کي روڪي انهي عمل کي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي ته جيئن وڪيلن جي حقن جي حاصلات لاءِ  سٺي  سرموڙ قيادت اڳيان اچي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو