ليکڪ: جاويد عثمان بجاراڻي
مير ھزار خان بجاراڻي 10 جولاءِ 1946ع تي ڪرمپور ۾ ”نامور سردار“ سردار نور محمد خان بجاراڻي جي گھر ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي، تنهن کانپوءِ گورنمينٽ نيشنل ڪاليج ڪراچي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ڪرڻ بعد سنڌ مسلم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين، مرحوم مير صاحب بهتر تعليم جي حاصلات کانپوءِ چٽاڀيٽي واري امتحان ذريعي پاڪستان جي سول سروسز ۾ وڃڻ پئي چاھيو، پر خاندان جي سياست ۾ ھجڻ سبب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خواھش تي سندس والد سردار نور محمد خان بجاراڻي کي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيارائي مير ھزار خان بجاراڻي کي ضمني اليڪشن جي چونڊ ذريعي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو. اھڙي طرح وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪابينا ۾ بطور وزير شامل ڪيو ويو. مير صاحب ملڪي سياست جو قدآور ڪردار رهڻ سان گڏوگڏ پنھنجي علائقي ضلعي جيڪب آباد ۾ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪيو، مختلف وقتن تي صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبر طور ملڪي پارليامينٽ ۾ واضح نمائندگي ڪئي، صوبائي وزارتن کانسواءِ مختلف وفاقي کاتن جو پڻ وزير رھيو، 80 واري ڏھاڪي ۾ پيپلز پارٽي جو صوبائي صدر به رھيو ۽ جنرل ضياءَ جي دور ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تحريڪ ايم آر ڊي ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ سخت مشڪلاتن باوجود ثابت قدمي سان سينٽرل جيل سکر جي قيد جون سختيون به برداشت ڪيائين. هو نامور سياستدان هئڻ سان گڏوگڏ پنھنجي بجاراڻي قبيلي ۽ 36 ٻين (بلوچ نان بلوچ) قبيلن جو اڳواڻ به ھو، جيڪب آباد، ٺل، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، شڪارپور ۽ بلوچستان جي صحبت پور، ٽيپل، گورناڙي وارن علائقن ۾ سندس راڄن جا ڪافي ماڻھو رهاڪو آهن. ھڪ طاقتور قبيلائي اڳواڻ ھوندي به مير صاحب شرافت جو پيڪر رھيو، نهايت ئي بردبار مٺي طبيعت جو مالڪ پڻ هو، ظاھري طور پنھنجي طاقت جو ڏيکاءُ بلڪل به پسند نه ڪندو ھو، سڄي ڄمار ۾ پرائيويٽ يا مسلح جٿا گارڊ طور پاڻ سان گڏ نه کنيائين، پنھنجي راڄن جي چڱن مڙسن کي ھميشه امن ۽ ڀائيچاري سان رھڻ جي ھدايت ڪندو رھيو، ھميشه عوامي اسٽائل ۾ پنھنجي بنگلن تي ماڻھن سان بنا ڪنھن رڪاوٽ جي ملندو ھو، برادرين ۽ راڄن جي فيصلن ۽ جرڳن لاءِ سندس ڏينھن مقرر ھوندا ھئا سرڪاري مصروفيتن جي باوجود به ٽائيم ڪڍي انھن فيصلن ۽ جرڳن ۾ پنھنجي شرڪت کي يقيني بڻائي ماڻھن ۾ ٺاھ ۽ صلح ڪرائيندو ھو. فيصلن ۽ جرڳن ۾ ڪنھن سان به زيادتي نه ڪيائين، چور ڌاڙيل، بدمعاش ۽ رهزن کيس ھرگز پسند نه ھئا، انھن ماڻھن لاءِ سندس مشھور چوڻ ھو ته ڪير به اھڙن ماڻھن جي سفارش مون وٽ کڻي نه اچي. ”مير صاحب“ سياستدان ۽ قبيلائي اڳواڻ هئڻ سان گڏوگڏ علم ۽ ادب دوست شخصيت طور سڃاتو ويندو ھو. مير صاحب ڪتابن سان وڏو چاهه رکندڙ شخصيت جو مالڪ پڻ ھو، سندس گھر جي اسٽڊي روم ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو ھر وقت موجود ھوندو هو. مير صاحب جو موسيقي سان به لڳاءُ ھو، کيس ڪلاسيڪل ميوزڪ تمام گهڻو پسند ھو،شاعرن جو سرتاج حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي سندس پسنديده شاعر ھو، لطيف جي کوڙ ساري شاعري کيس ياد ھوندي ھئي،جيڪا مختلف وقتن پڙهندو هو،ميرهزار خان روز مره جي زندگي ۾ خوش اخلاق،خوش خوراڪ، خوش لباس ۽ متوازن زندگي گذاريندڙ انسان ھو، پنھنجي پوري زندگي ۽ سياسي ڪيريئر ۾ هن تي ڪنھن آڱر نه کنئي ۽ نه ئي ڪو ڪرپشن جو الزام لڳو، فطري خوبصورتي، سٺي خوشبو، دنيا جا حسين ماڳ گھمڻ ۽ شڪار ڪرڻ سندس پسنديده مشغلا ھئا، عوامي ڀلائي واري شعبي ۾ پنھنجي علائقي ۾ ھر بنيادي سھولتون جھڙوڪ پڪا روڊ، اسڪول، صحت جا بنيادي مرڪز، بجلي، گئس جون سھولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڏياريون، سندس ٻه اھم منصوبا ڪنڌڪوٽ- گھوٽڪي درياهه سنڌ تي پل ۽ ڪيڊٽ ”ڪالج ڪرمپور“ جي تعمير آهن. پهرين فيبروري 2018ع تي علائقي جي هن اهم اڳواڻ جو المناڪ وڇوڙو ٿيو. اڄ سندس ٽين سالگرهه آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ درجا بلند ڪري.