139

پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ٽيهر واڌ

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت عوام مٿان 15 ڏينهن اندر ٽيون ڀيرو پيٽرول جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام کي نئين پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، تبديلي سرڪار دوران هاڻي هر پندرهين ڏينهن پيٽرول جي قيمتن جو جائزو ورتو وڃي ٿو، ان کان اڳ ۾ مهيني ۾ هڪ ڀيرو پيٽرول جا اگهه هيٺ مٿي ڪيا ويندا هئا، هن وقت هر پندرهين ڏينهن عوام جي مٿان نئين تلوار ٽنگيل آهي، ڪجهه عرصو پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪرڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر غير محسوساتي طريقي سان پيٽرول جي اگهن ۾ مرحليوار واڌ ڪري رهي آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 2021ع ۾ پيٽرول جي اگهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر واپس انهن ئي اگهن تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتان ان کي عوامي دٻاءَ کانپوءِ واپس ڪيو ويو آهي، آچر واري ڏهاڙي وفاقي حڪومت پيٽرول جي نون اگهن جي منظوري ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 70 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين رقم 111 رپيا 90 پئسا ٿي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 2 رپيا 88 پئسا في لٽر واڌ سان 116 رپيا 7 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في لٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، هاڻ نئين قيمت 79 رپيا 23 پئسا ٿي وئي آهي، وزيراعظم آفيس مطابق گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 54 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ نئين 80 رپيا 19 پئسا مقرر ٿي وئي آهي، نيون قيمتون لاڳو ٿي ويون آهن.ان کان اڳ 15 جنوري تي پڻ حڪومت پيٽروليم مصنوعات جا اگهه وڌايا هئا، هاڻ اها ڳالهه صاف واضح ٿي رهي آهي ته حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ اڃا به واڌ جو اضافو رکي ٿي ۽ ايندڙ 15 ڏينهن دوران عوام کي وري اهڙي ٻي خوشخبري پڻ ٻڌائي ويندي، گذريل ٻن ڏينهن کان ته ميڊيا ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جو ارادو رکي ٿي هوڏانهن پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ عام واهپي جي شين جا اگهه پڻ تيزي سان وڌي رهيا آهن، شماريات کاتي پاران لڳاتار ٻن هفتن کان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي عام واهپي جي 26 کان وڌيڪ شين ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن ۾ دالون، گوشت، گيهه، ڪوڪنگ آئل ۽ ٻئي سامان جا اگهه به وڌي ويا آهن، هن وقت غريب عوام اڳواٽ ئي ساهه کڻڻ ۾ هلاڪ آهي، مٿان وري پيٽرول جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ عام ماڻهو جو جيئڻ ئي جنجال بڻائي ڇڏيندي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جنهن تيزي سان ملڪ اندر مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اهو سلسلو آخرڪار ڪيستائين هلندو؟ معيشت جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب ماڻهو اڳ ۾ ئي عذاب جو شڪار آهن ۽ غربت ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو پنڻ جهڙا ٿي ويا آهن، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته عوام مٿان معيشت جو بار ڪيرائڻ بدران پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ته جيئن ماڻهن کي جيئڻ جو حق ملي سگهي، وڌندڙ مهانگائي سبب نه فقط غربت ۾ اضافو ڪري رهي آهي پر ملڪ اندر خودڪشين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ڪونهي پر سمورو بار عوام تي ڪيرائڻ مناسب ناهي، ائين نه ٿئي ته معيشت ٺيڪ ڪندي ڪندي عوام کي ئي ماري وجهجي، ملڪن جو نظام ۽ وجود عوام سان ئي آهي، جيڪڏهن عوام ئي نه رهندو ته پوءِ حڪومت ڪنهن تي ڪبي! ان ڪري حڪومت کان اها توقع ۽ اميد رکون ٿا ته عوام مٿان مهانگائي جو نه کٽندڙ سلسلي کي بريڪ هڻي هاڻ رليف ڏنو ويندو، ڇو ته حڪومتن وٽ ئي مسئلن جا حل هوندا آهن ۽ يقينن هن مسئلي جو به ڪو حل ضرور هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو