ليکڪ: پيار علي چانڊيو
لاقانونيت جي آڙاھه ۾ پچندڙ سنڌ ۾ اھڙيون ڪيتريون ئي ڪُڌيون ريتون ۽ رسمون اختيار ڪيون وڃن ٿيون، جنھن سان نه ترقي طرف وڌي سگھجي ٿو ۽ نه ئي جھالت مان جند ڇڏائي سگھجي ٿي، ماضي ۾ ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ واري ڪُڌي ڪم مان ھن وقت تائين ڌرتي پاند پالو نه ڪري سگھي آھي، نه ئي اھڙي عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون حرڪت ۾ آيو آھي، رياستي قانون جي لاقانونيت سبب سنڌ ۾ روز جي بنياد تي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ مان خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آھن ته بي سمجهھ معصومن کي موڙ ٻڌي گھوٽ بڻائي کيڏڻ واري مند ۾ ڪنوار بڻيل نياڻي کي ڳاڙھي وڳي ۾ ڪنوار بڻايو ويندو آھي، ھي اھڙو عمل آھي جنھن ۾ معصومن مٿان ننڍي عمر ۾ پيڙائن جو جبل ڪيرايو وڃي ٿو، جنھن مان نڪرڻ ڪيتري حد تائين ناممڪن آھي ۽ نتيجي طور ننڍڙيون زندگيون تباھ ٿيو وڃن، ڪُڌي رسم جو اھڙو ئي دکدائڪ سانحو گذريل ڏينھن ميرن جي خيرپور ۾ به پيش آيو آھي جنھن ۾ خوشيون، گيت ۽ گانا ان وقت ماتم ۾ تبديل ٿي ويا جڏھن معصوم موڙ ٻڌل گھوٽ نئين زندگي ۾ پير پائڻ کان اڳ ھي بي رنگ دنيا ڇڏي ڪاڄ ۾ ڪوڪون آھون ڇڏي حقيقي زندگي جي سفر تي روانو ٿيو، ان سڄي عمل تي ڪنھن کي قصور وار ڪجي، قانون کي، وارثن کي يا ڪُڌي رسم رکندڙ ڌرتي ڌڻين کي، اھو بحث ڪرڻ کان پھريان واقعي جي حقيقي رخن جي جاچ ڪجي ٿي ته خيرپورميرس جي پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغو ڦلپوٽو ۾ 3 ڏينهن اڳ 27 جنوري تي پنهنجي برادري جي نينگري صائمه ڦلپوٽو سان نينگر اياز ڦلپوٽي جو نڪاح ٿيو، جڏهن هنن جي رخصتي ٿي رهي هئي ته پيرڳوٺ پوليس شادي ڪاڄ تي چڙهائي ڪري بالغ نه هئڻ جي الزام هيٺ ننڍي عمر جي گهوٽ اياز ڦلپوٽو، ڇوڪري صائمه ڦلپوٽو ۽ گهوٽ جي پيءُ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو، بعد ۾ پوليس گهوٽ جي پيءُ مراد ڦلپوٽو کي عدالت جي حڪم تحت چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس گهوٽ اياز ڦلپوٽو ۽ سندس وني صائمه ڦلپوٽو کي 24 ڪلاڪ ٿاڻي اندر رکيو ۽ ذهني ٽارچر ڪيو، جنهن کانپوءِ گهوٽ صدمي ۾ اچڻ ڪري ذهني معذور بڻجي ويو ۽ مسلسل بيهوش رهڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي. وارثن جو اهو به چوڻ آهي ته گهوٽ ڪنوار بالغ ۽ شادي جي قابل هئا، پوليس وڏو ناحق ڪيو آهي، فوتي گھوٽ اياز جي وارثن جو اھو به موقف ھو ته پير ڳوٺ پوليس مخالفن کان ڳري رشوت وٺي وڏي زيادتي ڪري گهوٽ اياز علي کي ڪنوار سميت غيرقانوني تحويل ۾ رکي لکين رپيا رشوت طلب ڪئي هئي ۽ نه ڏيڻ تي پوليس تشدد ڪري گهوٽ کي مرڻينگ حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي وئي آهي ۽ ھنن اھو اعتراف ڪيو ته اسان اياز جي شادي رشتيدارن ۾ رضامندي سان پئي ڪرائي جنھن ۾ مخالف اسان جي خوشي ۾ راضي نه ھئا، جن ھي قيس ڪري گھوٽ مارائي ڪنوار صائمه کي بيواھه بڻائي ڇڏيو آھي ۽ اسان جا اڱڻ ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيا آھن، بهرحال ھن واقعي ۾ حقيقتون ڪھڙيون به ھُجن پر فوتي گھوٽ اياز ڦلپوٽو ۽ ڪنوار صائمه ڦلپوٽو جي عمر جي تقاضا تصويرون ٻڌائي رھيون آھن ته ھن ننڍڙي عمر ۾ سونپيل ذميوارين جي ايترو لائق نه ھئا جو اھڙو عمل ڪيو ويو، جنھن ۾ اياز جو بي وقتائتو موت واقع ٿيو، ٻئي طرف چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت پيرڳوٺ پوليس جيڪي قانون ھٿ ۾ کڻي حدون اورانگهيون آھن، انهن جي مذمت ۽ افسوس ڪجي اھو اياز جي وارثن کي ته انصاف فراھم نه ڪرائي سگھندو پر ڪاري وردي پھريل ڪامورن جي ڪيل ڪلورن تي تھمت جا ڇنڊا ضرور ھڻندو، سنڌ اندر چائلڊ ميريج جھڙا قصا ڪي نوان به ناھن جو رڳو اياز ۽ صائمه جي جوڙي جي ڳالھه ڪجي، اسان اڃا به ان فرسوده نظام جي ور چڙھيل آھيون جتي ننڍي عمر ۾ زندگيون تباھه ڪيون پيون وڃن، ان ۾ قانون سان گڏ اسان پنج ھزار سال تھذيب جا وارث به ذميوار آھيون، ڇو ته جنھن معاشري ۾ ڇوڪرين لاءِ تعليم جا دروازه بند هجن ۽ کين ڪو به بنيادي حق نه ملندو هجي. قبائلي نظام کان وٺي جاگيرداراڻو نظام هجي، جتي عورت ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي نه صرف انسان نه سمجهڻ پر کيس رڍ ٻڪري کان به گهٽ حيثيت حاصل هجي عورت کي جانور وانگر خريد ۽ وڪري جو سامان سمجهي سندس مرضي خلاف وڪرو ڪيو وڃي، قتل ڪيو وڃي، سڱ چٽي کان وٺي بدو ۽ جنڊو پاڙو لکائي کيس انهن والدين جي جاهلانا فيصلن تحت بنا مرضي ڏنو ورتو وڃي، جيڪا نياڻي اڃا هن دنيا ۾ آئي نه هجي ۽ سندن والدين اهو فيصلو ڪري چڪا هجن ته هن سڱ وٺڻ جي بدلي جيڪا ڇوڪري ڄمندي اها توهان جي هوندي، جنڊي پاڙي تحت ڄمندڙ ڇوڪري اڳ ئي ڏنل هوندي آهي ۽ اڳئين ڌر چاهي ڪنهن سان ۽ ڪيتري عمر واري ماڻهو سان سندس شادي ڪرائي، اهو انهن جو مسئلو هوندو آهي، جڏهن ته والدين فيصلي مطابق اها ڇوڪري ڏيڻ جا پابند هوندا آهن. اهڙي طرح سڱ چٽي به مردن جي ڪيل غلط فيصلن، قتلن ۽ قرضن عيوض ڏني ويندي آهي ۽ ان ڏيڻ لاءِ به ڪا عمر يا مرضي شامل ناهي هوندي ۽ اهو انهن سڱ چٽي وٺندڙن تي آهي ته اهي ڪڏهن ٿا سڱ وٺن ۽ چاهين ته اها مائٽن سان ملي جيڪڏهن نه ته ان ڇوڪري کي وري ماءُ پيءُ جي اکين کان پري ڪيو ويندو آھي، سنڌ ۾ ننڍپڻ جي شادين جو سبب اڃا به وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي ڪيترائي سبب نظر ايندا، جنهن ۾ قانون تي عمل نه ڪرڻ، تعليم جي کوٽ، غربت ۽ قبائلي رسم ۽ رواج جنهن ۾ جائيداد ۽ وٽو سٽو به شامل آهن، معاشري کي ھن ناسور مان ڪيئن آجو ڪرائجي؟ ان سلسلي ۾ ڪنھن ھڪ فرد، تنظيم يا قانون کي ذميوار نٿو ڪوٺي سگھجي، ڇو ته ننڍپڻ جي شادي هڪ اهڙو ناسور آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نه صرف قانون ٺاهڻ پر ان تي عمل ڪرائڻ جي به ضرورت آهي، هاڻ ان ڳالهه تي به زور ڏنو پيو وڃي ته شادي لاءِ ڇوڪري جي عمر به 18 سال ڪئي وڃي پر ان ڳالهه تي عمل تڏهن ممڪن آهي ته ان لاءِ اهو شرط لازمي رکيو وڃي ته نوجوان يا ناري جي شادي لاءِ انهن جو سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي، شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ شادي لاءِ نڪاح نامو ضرور ڀريو وڃي ۽ ان ۾ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر به هئڻ گهرجي، ان سان گهڻو ئي بهتر نتيجو نڪرندو ۽ انهن شين تي عمل نه ڪرائيندڙن تي ڳرا ڏنڊ رکيا وڃن ۽ سزا به ڏني وڃي ته جيئن ان ڪُڌي عمل کي روڪي سگهجي ۽ اڳتي اياز جھڙا ننڍڙا گھوٽ ٽڙڻ کان اڳ مرجھائجي نه وڃن.