190

ڄامشوري مان ناري جي اغوا وارو معاملو: عدالتي حڪم تي گرفتار نوجوان پوليس ۽ ناري دارالامان حوالي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ڪوئلا عرف ڪوهه نور باگڙي عدالت پهچي وئي آهي. ڄامشورو پوليس فرسٽ سول جج ون اياز قريشي جي عدالت ۾ ناري جي مبينا اغوا ڪيس ۾ گرفتار نوجوان نعمان سهتو کي پيش ڪيو، جنهن دوران ناري ڪوهه نور باگڙي به پهتي. ان موقعي تي ناري جو چوڻ هو ته منهنجي اغوا جو نعمان مٿان جيڪو ڪيس داخل ڪيو آهي، اهو ڪوڙو آهي، مان نعمان سان پيار ڪريان ٿي ۽ ساڻس گڏ رهڻ چاهيان ٿي. عدالت نوجوان نعمان سهتو کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ڪوئلا  باگڙي کي دارالامان اماڻي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو