ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان وفاقي سرڪار کي عوام دشمن ۽ ڪورونا دوست حڪومت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار هن وقت تائين هڪ به ويڪسين خريد ڪري نه سگهي آهي، اسان چين جا ٿورائتا آهيون جنهن 5 لک خوراڪون ڏئي پاڪستان جي مدد ڪئي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اڍائي مهينا اڳ ويڪسين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، ٻڌايو وڃي ته اها ويڪسين ڪيڏانهن وئي؟ سنڌ سرڪار طرفان ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ 21 جنوري تي وفاق کي خط لکيو ويو، ان جو خط جو جواب اڄ آيو، جنهن ۾ وفاق چيو آهي ته سنڌ حڪومت ويڪسين خريد ڪري نٿي سگهي، تنهن هوندي به سنڌ سرڪار زور ڀريو ته ويڪسين جي خريداري لاءِ اجازت ڏني ويندي.
168