217

اسٽيٽ بئنڪ جعلي ڪالز ذريعي ماڻهن کي ڦريندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ پاليسي جوڙي: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي چيو آهي ته اها جعلي ڪالز جي ذريعي ماڻهن کي ڦريندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي لاءِ پاليسي جوڙي. صدر آمريڪا ۾ جعلي ڪالز ذريعي ماڻهن کي مالي نقصان پهچائڻ جي وڌندڙ واقعن بابت نيويارڪ ٽائيمز جي آرٽيڪل کي ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ محتسب سيڪريٽريٽ کي جعلي ڪالز ذريعي ماڻهن کي پنهنجي جمع پونجي کان محروم ڪرڻ جي حوالي سان هزارين شڪايتون مليون آهن. آرٽيڪل ۾ ايف بي آءِ جي رپوٽ جو حوالو ڏنو ويو آهي جنهن موجب 2019ع ۾ آمريڪي شهرين کان اهڙي طرح ڦريل رقم جو ڪاٿو 3 ارب 50 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي جيڪو 2017ع ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ هو. سروي موجب 56 ملين آمريڪي اهڙي طرح متاثر ٿيا آهن ۽ انهن کان ڦريل رقم اٽڪل 10 ارب ڊالر تائين پهچي وئي. آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وسيع پئماني تي انٽرنيٽ بئنڪنگ استعمال ڪندڙ معاشري بابت اهي انگ اکر حيرت انگيز آهن. محتسب سيڪريٽريٽ کي اهڙين ڪالز جون هزارين شڪايتون مليون آهن جن ۾ غريب ماڻهن کي پنهنجي جمع پونجي کان محروم ڪيو ويو آهي. هن اسٽيٽ بئنڪ کي چيو ته اها عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر پاليسي جوڙي. آرٽيڪل ۾ هڪ متاثر شخص جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته ڀارتي شهر ڪلڪته اهڙن ماڻهن جو مرڪز آهي. ليکڪ دهلي، حيدرآباد ۽ ڀارت جي ٻين شهرن مان شهرين کان ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيندڙ ۽ ٻين فراڊز جي به نشاندهي ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو