170

سنڌ جي عوام کي ڪٺ پتلي سرڪار مان جان ڇڏائڻ لاءِ پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو: شرجيل انعام ميمڻ

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تبديلي وفاقي سرڪار عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، هڪ ٻئي تي الزام هڻندڙ وفاقي وزيرن ڪڏهن به پنهنجون ذميواريون پوريون ناهي ڪيون ۽ اهي وزير ملڪ جي معاشي حالتن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار به نه آهن، جڏهن ته  سندن حڪومت ۾  فقط ڪرپشن ۽ مهانگائي ترقي ڪئي آهي، اهڙو اظهار هن روال هائوس پي ايس63 ٽنڊو ڄام جي مختلف يونين ڪائونسلن جي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن  ۽ جيالن سان 9 فيبروري  تي جلسي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيو. هن وفاقي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪٺ پتلي وزير اعظم ۽ سندس ڪابينا رڳو عياشين ۾ پورا آهن، کين عوام جو ڪو به خيال ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ لاءِ جيڪي به ڪم ڪري ٿي اهي سنڌ جي عوام جي سامهون آهن پر اها ترقي وفاقي سرڪار کي هضم نٿي ٿئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو  سنڌ جي وڏي وزير تي اجايا الزام هنيا پيا وڃن. هن چيو ته عوام اها ڳالهه ڄاڻي ٿو ته پ پ هر ڏکئي مهل ۾ عوام سان گڏ هوندي آهي ۽ رهندي، جڏهن ته ٻين رڳو سکڻا واعدا ڪيا آهن. ان موقعي تي جلسي گاهه ۾ ماڻهن جي آمد ۽ انهن کي ويهارڻ جي انتظامن سميت ٻين مامرن تي غور ويچار ڪيو ويو.  گڏجاڻي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته پ پ ليڊيز ونگ پاران ايندڙ ريلين ۽ قافلن کي جلسي گاهه ۾ اڳين سيٽن تي ويهاريو ويندو، جڏهن ته نيو سٽي چوڪ وٽان گذرندڙ هر ريلي ۾ شامل ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو