اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻارڙن جي جبري پورهئي تي سزائن جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. ترميمي بل مطابق جيڪي والدين ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائين ٿا تن مٿان 25 هزار ڏنڊ وڌو ويندو، ٻارڙن کان پورهيو ڪرائڻ جو معاهدو ڪندڙ مٿان به 25 هزار ڏنڊ، جڏهن ته فيڪٽري مالڪ مٿان ٻارڙن کان پورهيو وٺڻ تي 25 هزار ڏنڊ ۽ 6 مهينا سزا ڏني ويندي. بل مطابق فيڪٽري مالڪ جيڪڏهن ٻيهر ساڳيو ڏوهه ڪندو ته کيس 2 لک ڏنڊ ۽ 6 سالن تائين سزا ايندي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير شيرين مزاري جو چوڻ هو ته اسان اسلام آباد ۾ ٻارڙن جي جبري پورهئي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن هي بل سمورا صوبا لاڳو ڪن ته پوري ملڪ ۾ ٻارڙن جي پورهئي تي پابندي لڳي ويندي.
147