258

لسٻيلا جي علائقي اوٿل ۾ تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي، 15 مسافر فوت، 10 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا جي علائقي اوٿل ڀرسان تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق تيز رفتار مسافر ڪوچ بلوچستان جي علائقي پنجگور مان ڪراچي وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتون، 3 ٻارڙا ۽ 7 مرد فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جي 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڪراچي نيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو