194

پاڪ_افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ_افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ_افغان سرحد ويجهو لوئر دير ۾ آپريشن دهشتگردن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪيل آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ گرنيڊ هٿ ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ عابد ۽ يوسف خان جو تعلق سوات جڏهن ته عبدالستار جو تعلق مردان سان آهي. آءِ ايس پي آر مطابق مارجي ويل دهشتگرد 2019ع ۾ سوات ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا، جڏهن ته مقامي ماڻهن دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن کي ساراهيندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڪمل حمايت واري عزم جو اظهار ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو