204

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، عورت سوڌو 4 مشهور ٽڪ ٽاڪر قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي انڪل سريا اسپتال وٽ اڻڄاتل هٿياربندن هنڊا سٽي ڪار نمبر اي اِي اين 548 تي فائرنگ ڪري عورت سميت 4 مشهور ٽڪ ٽاڪرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مقتولا عورت جي سڃاڻپ مشهور ٽڪ ٽاڪر 32 ورهين جي مسڪان شيخ طور ٿي آهي، جيڪا لانڍي جي رهواسڻ هئي، زخمين جي سڃاڻپ انهن کان ملندڙ سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي 29 ورهين جي صدام حسين ولد عبدالله جان غمگين، 24 ورهين جي سيد ريحان شاهه ولد سيد نصير حسين شاهه ۽ 25 ورهين جي عامر خان ولد آصف خان جي نالن طور ٿي آهي، زخمي ٿيندڙ ٽئي نوجوان به وقفي وقفي سان سول اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق ڪار وڃي رهي ته پويان رڪشا ۾ سوار هٿياربندن انڪل سريا اسپتال وٽ مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي گوليون لڳيون ۽ ڪار جي اسپتال جي گيٽ تي رڪجڻ تي ئي هٿياربندن رڪشا مان لهي ڪار کي گهيري ۾ آڻي ورتو ۽ ان ۾ سوار ٽن نوجوانن کي گاڏي مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ رڪشا ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پسٽل جا 9 خول هٿ ڪري فارنزڪ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو