228

اسلام آباد ڀرسان سهالا واري علائقي ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ سبب زال مڙس ٽن ٻارڙن سوڌو فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ڀرسان سهالا واري علائقي ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ سبب زال مڙس ٽن ٻارڙن سوڌو فوت ٿي ويا آهن.  رپورٽن مطابق ٿاڻي لوهي ڀير جي حد ۾ واقع هڪ گهر ۾ سلينڊر جي گئس ليڪيج ٿيڻ سبب رفاقت حسين، سندس زال قراج بيبي، پٽ حسنين، محمد علي ۽ ڌيءُ آمنا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويل ڪٽنب ڪمري ۾ گئس جو سلينڊر ٻاري ننڊ ستل هئا، ان دوران ليڪيج سبب ڪمري ۾ گئس ڀرجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ڪمري ۾ ستل 5 ئي ڀاتين دم ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو