اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ گرفتار احمد عمر شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي سرڪاري ريسٽ هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ احمد عمر شيخ ۽ ٻين جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اٽارني جنرل چيو ته احمد عمر شيخ عام جوابدار نه پر دهشتگردن جو ماسٽر مائينڊ آهي ۽ عوام لاءِ خطرو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته احمد عمر شيخ جو دهشتگردن سان تعلق ثابت ڪريو. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته احمد عمر 18 سالن کان جيل ۾ آهي، دهشتگردي واري الزام تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ بدنيتي اها هئي ته بار بار حراست هيٺ رکڻ جا حڪم جاري ٿيا، وفاق ڏيکاري ته هنن ماڻهن خلاف انهن وٽ ڪهڙو مواد آهي؟ هر ڪيس جي هڪ تاريخ هوندي آهي، هن ڪيس جي تاريخ جي اسان کي ڄاڻ ناهي، ڪنهن کي حراست ۾ رکڻ جو مطلب آهي ته نو ٽرائيل. جسٽس منيب اختر جو چوڻ هو ته ڪالهه تائين اوهان جو اعتراض هو ته هاءِ ڪورٽ وفاق کي ناهي ٻڌو، اڄ اوهان جي دليلن مان لڳي رهيو آهي ته نوٽيس نه ڪرڻ وارو اعتراض ختم ٿي چڪو آهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڪنهن اختيار کي استعمال ڪرڻ لاءِ مواد به هجڻ گهرجي، صوبائي حڪومت وٽ جوابدارن کي حراست ۾ رکڻ لاءِ مواد نه هو، قتل واري وڊيو ۾ به چهرو واضح نه هو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ درخواست ڪئي ته ڪيس ۾ ايندڙ هفتي تائين حڪم کي روڪيو وڃي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪهڙي بنياد تي حڪم روڪيو وڃي؟ ثبوتن کانسواءِ ڪنهن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ غلط هوندو. سپريم ڪورٽ حراست هيٺ ماڻهن جي آزادي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ وارو فيصلو معطل ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ احمد عمر شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي ڊيٿ سيل مان ترت ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته ڪيس جي سمورن حراست هيٺ ورتل ماڻهن کي ٻن ڏينهن تائين عام بيرڪ ۾ رکيو وڃي، ٻن ڏينهن کانپوءِ احمد عمر ۽ ٻين کي سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ رکيو وڃي، سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ گهرڀاتي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ساڻس گڏ رهي سگهندا، احمد عمر شيخ ۽ ٻيا حراست هيٺ ورتل ماڻهو موبائل فون ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري نه سگهندا، ٻن ڏينهن ۾ مناسب ريسٽ هائوس جو بندوبست ڪري سيڪيورٽي لاءِ قدم کنيا وڃن. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيڻ واري اٽارني جنرل جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالت رمارڪس ڏنا ته فوج جي قربانين کان انڪار ناهي پر اسان آئين جا پابند آهيون، احمد عمر ۽ ٻين حراست ۾ ورتل ماڻهن کي جوابدار چئي نٿو سگهجي.
174