ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته غير قانوني قبضن جي سروي ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. اهڙو فيصلو ڊويزنل ڪمشنر ميرپوخاص عبدالوحيد شيخ جي صدارت ۾ آبپاشي کاتي جي شاخن واهن ۽ ڪينالن جي حدن (رائيٽ آف وي) جي سروي ڪرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم ميمڻ، ايڊيشنل ڪمشنر ميرپورخاص سيد عطاءُ الله شاهه، ايريگيشن ۽ واسطيدار کاتن جا عملدار موجود هئا. اجلاس ۾ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايڪسين آبپاشي کي ان ڪاميٽي جو هيڊ مقرر ڪيو ويو جيڪي (رائيٽ آف وي) زمين جي نشاندهي ڪنديون. ڊويزنل ڪمشنر ميرپوخاص عبدالوحيد شيخ چيو ته سروي ۾ واضع ڪيو وڃي ته شاخن واهن ۽ ڪينالن جي حدن ۾ مينٽيننس ۽ رائيٽ آف وي ۾ آبپاشي کاتي جي ڪيتري زمين جي ايراضي اچي ٿي ۽ اهو به واضع ڪيو وڃي ته شاخن واهن ڪينالن ۽ بندن (رائيٽ آف وي) جي حدن ۾ ڪٿي ڪٿي غير قانوني قبضا ٿيل آهن، انهن جي مڪمل سروي ڪري 20 فيبروري تائين رپورٽ ڏني وڃي. هن چيو ته هر واسطيدار عملدار کي پنهنجي پنهنجي ڪم جي ذميداري محسوس ڪرڻ گهرجي، (رائيٽ آف وي) جي حدن کي وڻڪاري لاءِ ِ استعمال ڪيو ويندو، رائيٽ آف وي ۽ بندن تي جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جا نوان قبضا ۽ ڪنهن به قسم جو غير قانوني تعميراتي ڪم نه ٿيڻ ڏنو وڃي.
278