234

سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي کان درگاهون کولڻ جو فيصلو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي کان درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس او پيز تي سخت عمل جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. رپورٽن مطابق سنڌ حڪومت سڀاڻي 3 فيبروري کان درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ايس او پيز تحت درگاهون زائرين لاءِ کوليون وينديون، درگاهن تي ماسڪ جي استعمال ۽ سماجي وٿي جو خاص خيال رکيو وڃي. ٻئي پاسي ڀٽ شاهه، قلندر لال شهباز سميت ٻين درگاهن جي انتظاميا پاران سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته درگاهن وٽ قائم دڪانن تي روزگار ڪندڙن ۾ پڻ سرهائي آئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو