234

لاڙڪاڻي ۾ 2 مهينا اڳ مبينا طور قتل ڪيل نوجوان جي قبرڪشائي، جزا ورتا ويا

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام ۾ ٻه مهينا اڳ گهٽي مان نوجوان وقار جانوري جو لاش هٿ آيو هو، جنهن واقعي کي وارثن قتل جو واقعو قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ نوجوان جي پيءُ شمس الدين جانوري جي فرياد تي نوجوان جي دوستن وقاص مغيري، اورنگزيب لغاري ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن کان پوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي سول جج ۽ ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ وقار احمد جوڻيجو جي موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم شهر جي بهار شاهه قبرستان پهچي قبرڪشائي ڪئي، جنهن دوران نوجوان جي جسم جي مختلف حصن جا جزا ورتا ويا، جڏهن ته اهڙي پورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان وقار جانوري واري واقعي جو ڪيس سندس پيءُ شمس الدين جانوري جي فرياد تي داخل آهي، قبرڪشائي جي رپورٽ اچڻ بعد اهڙي رپورٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو