239

انساني ارتقا جي تاريخ ۽ هٿرادو پيدا ڪيل مسئلا…!

ليکڪ: بشير جانوري

انساني وجود ڏکن سکن جو مجموعو آھي. تاريخي ۽ تمدني طور ھو مختلف دورن مان گذرندي وقت، موسمن انيڪ مسئلن جي ور چڙھندي به اڳتي وڌندو رھيو آھي پر ھڪ ڳالهھ جا انساني وجود لاءِ سواليه نشان رھندي آئي آھي سا سندس ھٻڇ لالچ ۽ پاڻ کي مٿانھون ڪري پيش ڪرڻ آھي، انساني تاريخ جو ڇيد ڪرڻ ويھنداسين ۽ لڪل رازن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ٿلھي ليکي انساني تاريخ رت سان رڱيل نظر ايندي،پر ان زماني ۾ ھڪ ڳالھه اھم ھئي سا انسان ذات جو فطرت سان گھرو لڳاءُ ھو، ھو فطرتي نظارن جھڙوڪ ڍنڍن،ڍورن، چراگاھن ،ساوڪ ۽ سرسبز ماٿرين ۾ گذاريندو ھو.اھو انسان جو پھريون ڏاڪو ھو جتان حياتياتي وجود ارتقاپذير ٿيو ۽ واڌ ويجھه جو عمل شروع ٿيو.ان زماني ۾ ماڻھو ننڍين ٽولين جي صورت ۾ رھندا ھئا جنھن ڪري منجھن ساڙ حسد ڪينو ڪدورت ڪونه ھوندو ھو ۽ ضرورتون به محدود ھونديون ھيون جنھن ڪري لالچ ۽ ماراماري جو عنصر نه ھجڻ جي برابر ھو.ان کان بعد انسان ڳوٺ ٻڌي رھڻ لڳو ڳوٺن مان شھر۽ شھرن مان رياستون ۽ ملڪ جڙڻ لڳا ماڻھن ۾ شعور وڌڻ لڳو کاڌ خوراڪ پچائي تيار ڪري کائڻ  لڳو ۽ ڪپڙو پڻ استعمال ڪرڻ لڳو.شعور ۽ آگھي وڌڻ ڪري ضرورتون به وڌڻ شروع ٿيون، شروعات ۾ زرعي سماج ۾ ماڻھو پوکي راھي ڪري ڍور پالي پورھيو ڪري روزي حاصل ڪندا ھئا پر منجھن لالچ جو عنصر وڌي چڪو ھو. انساني ترقي صرف زرعي سماج يا قبائلي بنيادن تي جمود ھڻي بيھي نه رھي، ان کان اڳيون ڏاڪو انڊسٽريل سماج ھو ماڻھو زراعت کي ڇڏي ڪارخانن ۾ اچڻ لڳا ۽ ڪارخانيدارن کي ڪچي مال جي ضرورت پئي شروعات ۾ ته ڪارخانيدارن پنھنجي ملڪ مان ڪچو مال ھٿ ڪري انڊسٽريز کي ھلايو ليڪن اڳتي ھلي خام مال گھٽجڻ لڳو ۽ انڊسٽريز بند ٿيڻ لڳيون جنهن بعد سرمائيدارن پاڙيسري ملڪن جي ريسورس تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ مختلف طريقا ۽ تدبيرون اختيار ڪري ڪمزور ۽ ھيڻن ملڪن تي حملا ۽ ھلائون شروع ڪري ڏنيون، آھستي آھستي ڪالونيل نظام مضبوط ٿيندو ويو،جنھن ڪري وڏي پيماني تي دنيا ۾ افراتفري شروع ٿي جنھن جو وڏو مثال پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ آھن،ٻنھي عالمي جنگين لڳڻ جا کڻي ٻيا ڪيترا به سبب ھجن پر انھن مان ھڪ اھم سبب طاقتور ملڪن جي ھڪ ھٽي۽ ٻين ملڪن جي ريسورس تي قبضو ڪري اتان مال ميڙي سيڙي پنھنجن ملڪن کي مستحڪم ڪرڻ ھو،.مغربي سماج اڳتي ھلي تعليم کي ھٿيار طور استعمال ڪندي ترقي جا ڏاڪا ڪراس ڪرڻ لڳو جڏھن ته قانون تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ  ادارا جوڙي کين فعال ڪيو ويو جنھنڪري سندن معاشرو امن ڀريو ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو.جڏھن اسين پاڪستاني يا سنڌي سماج کي ڏسون ٿا ته مايوسي پلئه پوي ٿي.اسان جنھن سماج جو حصو آھيون اتي ادارا تباھي ڪناري آھن،سماجي ترقي جو اھم فيڪٽر تعليم  ھوندو آھي جڏھن اسين سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ ۽ تعليمي سرشتي کي ڏسون ٿا ته اسان کي لڪير جو فقير بنايو ويو آھي، سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ جاگيردار ۽ سرمائيدار موجود آھن جيڪي اربن کربن جون ملڪيتون رکن ٿا جيڪڏھن ھو سچائي ۽ ايمانداري سان پنھنجي ملڪيت مان ٿورو حصو به خرچ ڪن ته سنڌ سون ٿي سگھي ٿي، پر اوھان کي آگرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو ملندا جن ذاتي پيسن مان غريبن بيواھن ۽ يتيمن جي مالڪي ڪئي ھجي، جڏھن انسان جي لالچ جو ذڪر ڪجي ٿو ته ڪجهھ تڪليفون مشڪلاتون اسين پاڻ به مڙھي ڇڏيندا آھيون ان جا قصوروار اسين پاڻ ئي ھوندا آھيون،اسين بيجا خواھشن جي تڪميل لاءِ ۽ ٻين ماڻھن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ  پنھنجو آرام ۽ سڪون ڦٽائي ڇڏيندا آھيون، جيڪڏھن اسان جي پيداواري اپت 50 ھزار آھي ته اسين خرچ لکن ۾ ڪري ڇڏيندا آھيون ،ان سموري عمل دوران خوشيون اسان کان ڪوھين ڏور ھونديون آھن،ننڊ آرام ڦٽي ويندو آھي،ھن تيز مشيني وھڪري ۾ صبح کان شام ۽ شام کان ورندي صبح تائين پنھنجن پيارن کي به وساري ويھندا آھيون ايتري قدر جو پنھنجو پاڻ کان به وسري ويندا آھيون ته ڪٿي ۽ ڪھڙي جڳهھ تي بيٺل آھيون، پاڙي جي پروڙ ناھي ھوندي ته ڪير مئو ڪير بچيو،پسيي جي حاصلات لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيندا آھيون، جنھن ڪري ايندڙ خوشين ڀريا ڏينھن به وسري ويندا آھن،پيسو جيڪڏھن اسان جي مشڪلاتن کي گھٽائي نٿو سگھي ۽ ويتر اسين تڪليفن جي ور چڙھي وڃون ٿا ته پوءِ  اھو پيسو ڪھڙي ڪم جو؟ اسان جي سوچ وڃي ان جاءِ تي بيٺي آھي ته ڪاپي ڪري پاس ٿيڻو آھي يا پيسن تي ڊگري وٺڻي آهي،ڊگري کان بعد نوڪري اھڙي وٺڻي آ جتي مال ڏوڪڙ ججھو ھجي گاڏيون، بنگلا ھجن نوڪر چاڪر وڏو پروٽوڪول ھجي، ڪڏھن ڪڏھن ويھي سوچيندو آھيان ته پيسو ته ھر ماڻھو جي بنيادي ضرورت آھي پيسو ته لنڊن واري ماڻھو کي به کپي ته ڪراچي واري ماڻھو کي به، پيسو ته بيجنگ واري ماڻھو کي کپي ته سکر واري ماڻھو کي به پوءِ اسين لاھي پاھي مال ميڙڻ جي پويان ڇو لڳا آھيون، ھتي وري به نيلسن منڊيلا جا لفظ ذھن تي تري اچن ٿا ته معاشري ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪيو ته معاشرو پاڻ ئي پاڻڀرو ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو