ليکڪ: زين سولنگي
خيرپور جي ڌرتي شاعرن، اديبن، سياستدانن ۽ سماج سڌارڪن جي ڌرتيءَ طور ته سڃاتي وڃي ٿي پر خيرپور کجي جي پيداوار جي حوالي سان دنيا ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي ، مير علي نواز ناز جي عشق جي حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ رکندڙ شهر خيرپور جي پراڻي وسندي نظاماڻي پاڙي ۾ هڪ پورهيت روشن علي ڏهوٽ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ زاهد حسين ڏهوٽ ننڊي هوندي کان ئي ذهين هو ، پڙهڻ ۾ وڌيڪ تيز هو ، ان کي ڏسي سندس وڏي ڀاءُ خادم حسين ڏهوٽ اهو طئي ڪيو هو ته زاهد پڙهڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو ان کي بئريسٽر ڪرائبو ، ڇاڪاڻ ته اهي به ڏينهن هئا ته ايڊووڪيٽ خادم حسين ڏهوٽ هوائي جهازن جا پيو سفر ڪندو هو ، دنيا جا لڳ ڀڳ ٽيهه کن ملڪ گهمي ، ايڪسپوئير وٺي اچي خيرپور ضلعي جي نوجوانن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ، پرسنل ڊولپمينٽ تي ليڪچر ڏيندو هو ،پر زاهد ڏهوٽ جي طبيعت تي هڪ صوفياڻو رنگ سمايل هو ، انسانيت جو درد هنن جي نسن ۾ هجڻ ناتي وڪالت واري فيلڊ جو پاسو نه ورتو ، زاهد جنهن جي دل ۾ انسانيت جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ واري جذبي هن کي آرام سان سمهڻ نه ڏنو، هن پنهنجي اداري سيوا ڊولپمينٽ ٽرسٽ جي پليٽ فارم تان ڪم جي شروعات ڪئي، نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ ، انهن کي هڪ محب وطن شهري بنائڻ جا پيو ليڪچر ڏيندو هو ، نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ سميت انهن کي اسڪالرشپس ڏيارڻ توڙي انهن کي ، هڪ ذميوار نوجوان بڻجڻ وارين تربيتن ۾ شرڪت ڪرڻ توڙي انهن کي اسٽڊي ٽوئرس جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پيو همٿائيندو هو ، سچل يوٿ فورم خيرپور جي شروعاتي سفر کان وکون کڻندڙ زاهد برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ليڊ فيسليٽيٽر طور اڀري سامهون آيو ، ليڊ پاڪستان ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر توڙي پي پي ايڇ آءِ ۾ ڊسٽرڪٽ ايگزيوڪيٽو مانيٽرنگ آفيسر طور سماج جي خدمت ڪيائين . سيوا ۾ مئنيجرآپريشن هوندي هن ڪيترن ئي غريب ۽ محنتي نوجوانن کي روزگار به ڏنو ۽ انهن کي سکيا جا موقعا پڻ فراهم ڪيائين، ڪيترن نوجوانن ئي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي هن پنهنجي اداري توڙي ٻين ادارن ۾ روزگار ڏياريو ، اڄ اهي نوجوان محنت جي بدولت سٺن ادارن ۾ سٺين پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن . زاهد رومانس ڪيترا ڪيا پر جڏهن پنهنجي گهر جي ڀر ۾ سندن ئي ڏهوٽ اوطاق جي خوبصورت گلن ٻوٽن ۽ وڻن سان سينگاريل صحن ۾ موڙن تي ويهي پنهنجي شاعري ٻڌائيندو آهي ته محسوس اهو ٿيندو آهي ته هن کي عشق جي چڻنگ ننڍي هوندي کان لڳل آهي، هن جون اکيون عقابي لڳنديون آهن ، هن هميشه پئي گلن سان دل وندرائي آهي ، يا ائين چئجي ته هو خوشنصيب آهي جو هميشه گلن جي وچ ۾ پئي رهيو آهي، .زاهد هن وقت مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ”شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور “ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر طور پيو پريس رليزون جاري ڪندو آهي زاهد آثار قديمه ، باغباني ، شماريات ، سماجيات ، معاشيات ، فنون لطيفه ، صوفي ازم ۾ گهرو مطالعو رکندي سائنسي ۽ تعميري سوچ رکي ٿو، سماج ۾ حقيقي جٽادار تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي . زاهد نثر توڙي نظم ۾ جيترو به لکيو آهي اهو خوبصورت ۽ شاندار نموني لکيو آهي ، هن لکڻ ۾ ڌرتي ۽ سماج سان لاڳاپيل منفرد موضوع چونڊيا آهن ، سنگت کي ڪٺو ڪري انهن سان ڪچهريون ڪرڻ ، انهن جون سالگرهون ملهائڻ انهن جي دل سان خدمت ڪرڻ ماڻهو هن کان سکي . شاندار پروگرام ڪرائي انهن ۾ ناليوارين شخصيتن کي گهرائي نوجوانن کي ليڪچر ٻڌرائڻ جهڙا ڪم به آرگنائيزڊ نموني ڪرڻ جو فن به ڪمال جو اٿس.