ليکڪ: راجيني ودياناٿن
خلائي جهاز چئلينجر پنهنجي لانچ جي 10 منٽن کانپوءِ تباهه ٿي ويو هو ۽ ان تي سوار 7 هواباز به فوت ٿي ويا هئا، اهو هڪ سانحو به هو ۽ هڪ انتهائي حيران ڪندڙ واقعو به جنهن سڄي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ان سڄي واقعي ۾ ڪل 73 سيڪنڊ لڳا هئا، سڄي دنيا لکين ماڻهن 28 جنوري 1986ع ۾ آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا جي اسپيس شٽل جي لانچ جي سڌي سنئين نشريات ڏٺي هئي ۽ جيئن ئي ان تي ڪامينٽري خاموش ٿي وئي ۽ آسمان تي دونهين جي هڪ لڪير ئي رهجي وئي، سڄي دنيا کي خبر پئجي وئي ته چئلينجر جي مشن ۾ ڪو انتهائي وڏو مسئلو ٿي ويو آهي، شٽل تيزي سان تباهه ٿي وئي ۽ عملي جا 7 ئي ميمبر مري ويا، اها اڏام سخت سردي سبب ڪيترن ئي ڏينهن تائين ملتوي ڪئي وئي هئي، پوءِ تحقيقات مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته هڪ راڪيٽ بوسٽر جو سيل خراب ذزائن ۽ سخت سردي سبب خراب ٿي ويو هو، اهو پهريون ڀيرو جڏهن آمريڪي هواباز اڏام دوران مارجي ويا هئا ۽ اهو ملڪ لاءِ هڪ وڏو نقصان هو. آمريڪا کي ان ڳالهه تي فخر هو ته اهو خلا بازن سان اسپيس شٽلز مدار ۾ موڪلي سگهجيو ٿي ۽ 1981ع کان 1986ع تائين هن 20 ڀيرا ڪاميابي سان ڪيپ ڪنيورل کان اسپيس ٽرانسپورٽ سسٽم کي لانچ ڪيو هو، هي اهو ئي هنڌ آهي جتان چئلينجر جو آخري سفر شروع ٿيو، سڄي دنيا ۾ ماڻهن سڌي ريت ڏٺو ته ڪهڙو تباهه ڪندڙ واقعو پيش آيو آهي، ان وقت 16 ورهين جو برائين بالارڊ موقعي تي ماڻهن لاءِ ٺاهيل خاص ڊيڪ تي موجود هو، هو ياد ڪري ٿو ته اڳ ۾ سوچيو ته ان صحيح وقت پنهنجي حصا ڌار ڪيا آهن ۽ پوءِ مون کي ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ آيا ۽ هر ڪوئي ڪنفيوز ٿي ويو هو، آئون پوءِ به اميد لڳائي ويٺس منهنجو خيال هو ته اڃا به ڪو ٻيو پلان هوندو، مون کي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ ۾ وقت لڳي ته اهي هاڻ واپس نه پيا اچن، برائن بالارڊ جي ان وقت پنهنجي اسڪول جي اخبار دي ڪرمسن لاءِ شٽل جي لانچ واري خبر ڪور ڪرڻ ويو هو. کيس ان لاءِ موڪليو ويو هو، ڇو ته ان جي اسڪول جي هڪ استاد ڪرسٽا مڪئولف چئلينجر تي سوار هئي ۽ کين اميد هئي ته اها خلا ۾ ويندڙ پهرين ماسترياڻي ٿي ويندي، ڪرسٽا مڪئولف نيو هيمپشائر جي ڪونڪورڊ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي، کيس ناسا جي ٽيچر ان اسپيس پروگرام تحت چونڊيو ويو هو ۽ ان پروگرام کي صدر ريگن 1986ع ۾ متعارف ڪرايو هو، ان جو مقصد خلابازي ۽ سائنس جي تعليم ۾ ماڻهن جي دلچسپي ۾ واڌ هو، 1986ع ۾ رياست ڪنيٽيڪٽ جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ڊين بارسٽو ان پروگرام بابت ٻڌائي ٿو ته اسان پنهنجي شاگردن کي خلابازي ۽ سائنس جي تعليم ڏيڻ بابت انتهائي خوش هئاسين ۽ اسان اهو سوچيو هو ته خبر ناهي ڪهڙو استاد وري بيهر اسپيس ۾ ويندو، اهو ئي سبب هو ته ڪيترن اسڪولن چئلينجر جي لانچ کي سڌي ريت ڏيکارڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي هئي ۽ ان جي نشريات سوين اسڪولن ۾ سڌي ريت ڏيکاري پئي وئي، ڊين باريسٽو چوي ٿو ته اسان جو پورو اسڪول آڊيٽوريم ۾ گڏ ٿي ڏسي رهيو هو، پر سندن ڪيترائي شاگرد چئلينجر جي ڦاٽڻ کانپوءِ خاموشي سان آڊيٽوريم مان هليا ويا، سڄي دنيا ۾ شٽل جي لانچ سائنس ۾ اميد جي علامت هئي ته اها ناڪامي قومي سطح جو هڪ نقصان هو ۽ ان سان اسپيس پروگرام کي به نقصان پهتو. پر اهو آمريڪي اسپيس پروگرام ۾ پهريون سانحو هو، 1967ع ۾ جڏهن اپولو ون جي ڪمانڊ موڊيول ۾ باهه لڳي ته اندر موجود 3 خلاباز فوت ٿي ويا هئا، پر چئلينجر جي حادثي جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان کي سڌي ريت سڄي دنيا ۾ نشر ڪيو ويو هو ۽ ماڻهن ان کي سڌي ريت تباهه ٿيندي ڏٺو، اسمٿسونيئن نيشنل اسپيس اينڊ ايئر ميوزيم سان لاڳاپيل ويلري نيل چوي ٿي ته ماڻهن کي ائين لڳو هو ڄڻ اهي پاڻ اتي موجود هئا، هو چوي ٿي ته آمريڪين کي چنڊ تي انسان جي پهچڻ ۽ اپولو 13 جي واپسي کانپوءِ ڪاميابيءَ جي عادت ٿي چڪي هئي ۽ سندن خيال ۾ به نه هو ته اسان جو اسپيس پروگرام ناڪام ٿي سگهي ٿو.ان کانسواءِ ناڪامي جي احساس کي اها ڳالهه وڌائي رهي هئي ته هڪ عام آمريڪي شهري جنهن کي پنهنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو هو اها پنهنجو خواب پورو نه ڪري سگهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته ڪٿي اسپيس پروگرام جو ورثو مڪمل طور تي تباهه نه ٿي وڃي، فوت ٿيندڙن جي وارثن چئلينجر سينٽر فار اسپيس سائنس ايجوڪيشن ٺاهيو، جنهن جو مقصد خلائي سفر جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي پر جن ٻارن چئلينجر جو حادثو اکين سان ڏٺو هو، انهن جي زندگي ۾ اهم موقعو هو مارڪ ايڊل مين ان وقت 7 سالن جو هو، هو چوي ٿو ته مون کي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيڻ ياد آهي ۽ مون کي ياد آهي ته هر ڪو دانهون ڪري رهيو هو ته شٽل ڦاٽي وئي آهي ۽ ان جي اسڪول لاءِ اهو وڌيڪ اهميت وارو هو، ڇو ته سندن هڪ استاد به ان پروگرام لاءِ درخواست ڏني هئي، مارڪ چوي ٿو ته ڪيترن ئي ٻارن لاءِ اهو پهريون موقعو جڏهن سندن زندگي تي ڪنهن اهم واقعي جو اثر پيو هو، مون کي لڳو ته مرندڙن ۾ منهنجي ٽيچر به ٿي سگهي ٿي، مارڪ جي خيال ۾ ان واقعي آمريڪين کي متحد ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي ان کي نائن اليون وانگر حادثو تصور ڪندا آهن، ان قومي صدمي جي نتيجي ۾ صدر ريگن ان شام پنهنجو اسٽيٽ آف يونين خطاب به ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ هن خاص طور تي انهن ٻارن جو به ذڪر ڪيو جيڪي ان سان متاثر ٿيا هئا، هن بعد ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي ڪيتري تڪليف محسوس ٿي رهي آهي، اهو سڀ دريافت ۽ تحقيق جي عمل جو حصو آهي، اها خطرن کي منهن ڏيندي انسانيت جي ترقي جي سلسلي جي ڪڙي آهي، مستقبل ڊڄڻن ماڻهن جو نه آهي، مستقبل بهادرن جو آهي.