159

پاڪستان ۾ پهتل ڪورونا وئڪسين: شفاف ورڇ ضروري آهي…!

ايڊيٽوريل

ڪورونا کان بچاءَ لاءِ چين طرفان موڪليل وئڪسين جي پهرين کيپ پاڪستان پهچي چڪي آهي. گذريل ڏينهن نور خان ايئربيس تي هڪ تقريب دوران چيني سفير نونگ رونگ وئڪسين باقاعده طور تي پاڪستان حوالي ڪئي. ان موقعي تي چيني سفير چيو ته چين پاڪستان جي وبائي مرض کان بچاءُ مهم ۽ معاشي بحالي سميت معاشرتي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن چيني حڪومت جي عطيو ڪيل وئڪسين وصول ڪئي آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٿورو مڃيندي چيو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان لازوال دوستيءَ جو عملي مظاهرو ڪيو، اِها دوستي عوام جي وچ ۾ آهي، حڪومتن تائين محدود ناهي. هوڏانهن وزيراعظم جي خان معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وئڪسين سڀ کان اڳ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ئي ڏني ويندي. ٻئي طرف پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وئڪسين جا سائيڊ افيڪٽس آهن، ان ڪري هر شخص پنهنجي ذميواري سان وئڪسين لڳرائيندو. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته مريضن جو انگ گهٽجي رهيو آهي. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن سان گڏ پرائيويٽ اسپتالن جي هيلٿ ورڪرز کي به مفت وئڪسين ڏني ويندي، ٻئي مرحلي ۾ پهريان 60 ۽ پوءِ 50 سالن جي ماڻهن کي وئڪسين ڏني ويندي، جڏهن ته ايندڙ چئن کان پنجن مهينن ۾ آبادي جي وڏي حصي کي وئڪسين لڳائي ويندي.

اِها انتهائي خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته دير سان ئي سهي پر پاڪستان ۾ وئڪسين نيٺ پهچي وئي آهي پر ان وئڪسين جي سمورن صوبن تائين رسائي جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ کي به يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي وزير اسد عمر گذريل ڏينهن شڪارپور ۾ خطاب دوران چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هڪ به وئڪسين نه آهي ته اُها ڇا جون دعوائون ڪري رهي آهي، وئڪسين جي پهرين کيپ وفاق وٽ پهتي آهي. اسان سمجهون ٿا ته هيءَ قومي معاملو آهي ۽ هِن ۾ وفاق ۽ سنڌ کي الڳ ڪري ڏسڻ ۽ اِهو تاثر ڏيڻ ته اسان وٽ ئي وئڪسين آهي، انتهائي غلط پيغام ڇڏي ٿو، ڇو ته  بحرانن ۾ وفاقيت ۽ صوبائيت بدران هڪ ملڪ جي طور تي پاڻ کي پيش ڪرڻ گهرجي ۽ اِهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اسان سڀ هڪ آهيون، ڇو ته چين طرفان خيرات ۾ مليل وئڪسين وفاقي حڪومت کي نه پر پاڪستان کي ئي ڏني وئي آهي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته ان جي ورڇ کي به پاڪستان جي بنياد تي يقيني ۽ شفاف بڻايو ويندو. جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد وئڪسين بابت سائيڊ افيڪٽن جي ڳالهه ڪري ان کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي، موصوف اِهو نه ٻڌايو آهي ته ان جا سائيڊ افيڪٽس ڪهڙا آهن. اسان سمجهون ٿا ته هڪ ذميوار وزير طرفان اهڙو بيان ملڪ جي عوام کي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايندڙ وئڪسين کان بيزار ڪندو، ڇو ته اڳ ئي ڪورونا مرض ۽ وئڪسين بابت طرح طرح جا افواهه پکڙجي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ان جا سائيڊ افيڪٽس آهن ته پوءِ صحت کاتي جي ملازمن کي وئڪسين ڏيڻ جا ذميوار ڇا حڪمران هوندا يا اُهي پاڻ هوندا. اسان سمجهون ٿا ته انهن سمورين تڪراري ٿيورين ۽ بيانن جي هِن وقت ڪابه گنجائش نه آهي، سڀ کان اهم شيءِ اِها آهي ته ملڪ جي هر ماڻهوءَ وٽ بنا ڪنهن فرق ۽ سياست جي وئڪسين جي پهچ يقيني بڻائي وڃي، ان سان ئي مسئلا حل ٿيندا ۽ اسان سرڪار مان اميد رکون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ ان مسئلي تي ڪابه سياست نه ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو