ليکڪ: فلورا دروري
ميانمار جي فوج اعلان ڪيو آهي ته ان ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. لڳ ڀڳ ڏهاڪو سال اڳ ئي ميانمار جي فوج ملڪ مان طويل ترين آمريتي دور جي خاتمي جو اعلان ڪندي اقتدار هڪ سويلين حڪومت جي حوالي ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ باضابطه ٺاهه پڻ ٿيو هو. سومر واري صبح جو ٿيل فوجي بغاوت ملڪ ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو آهي. هي اُهو ملڪ آهي جتي 50 سالن تائين آمراڻيون فوجي حڪومتون قائم رهيون ۽ نيٺ 2011ع ۾ هِن ملڪ جمهوري حڪمراني طرف اڳڀرائي ڪئي ۽ نظام هڪ سويلين حڪومت وٽ آيو. آنگ سان سوچي ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جي گرفتارين پراڻن ڏينهن جي دردناڪ ياد ٻيهر تازي ڪري ڇڏي، جن بابت گهڻن ماڻهن کي اميد هئي ته اهڙيون يادون هاڻ ماضي جو حصو بڻجي چڪيون آهن، يادون جيڪي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ ۽ ان سان جڙيل آهن. گذريل 5 سالن دوران سوچي ۽ سندس پارٽي نيشنل ليگ فار ڊيموڪريسي (اين ايل ڊي) ملڪ جي قيادت ڪئي. 2015ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ سوچي جي حڪومت قائم ٿي، اهي چونڊون گذريل 25 سالن ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ انتهائي شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون قرار ڏنيون ويون هيون ۽ سومر جي صبح جو جڏهن مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ته ان پارٽيءَ کي اقتدار ۾ پنهنجي ٻئي مدي جي شروعات ڪرڻي هئي، پر پردي جي پويان رهندي ميانمار جي فوج معاملن مٿان پنهنجي گرفت انتهائي مضبوط رکي ۽ اِهو ميانمار جي آئين جي ڪري ممڪن ٿيو، جنهن تحت پارليامينٽ ۽ ملڪ جي طاقتور ترين وزارتن جو هڪ چوٿائي حصو فوج ڏانهن وڃي ٿو، پر هاڻ سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود فوج هاڻ اقتدار تي قبضو ڇو ڪيو ۽ اِهو ته هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو؟ فوجي بغاوت لاءِ اِهو وقت ڇو چونڊيو ويو، ان جي آسان وضاحت جوناٿن هيڊ ائين ڏني آهي ته، سومر واري ڏينهن صبح جو ميانمار جي پارليامينٽ جو پهريون اجلاس ٿيڻو هو، جنهن ۾ اليڪشن جي نتيجن جي توثيق ٿيڻي هئي، پر هاڻ ائين نه ٿيندو. نومبر ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ سوچي جي پارٽي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا. ملڪ ۾ رهندڙ روهنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي جي سنگين الزامن باوجود هيءَ پارٽي انتهائي گهڻي مقبول رهي. فوج حمايت يافته مخالف ڌر چونڊن کان فوري پوءِ فراڊ جا الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، انهن ئي الزامن کي نئين قائم مقام صدر طرفان جاري ڪيل هڪ صحيحن واري مهم ۾ ورجايو ويو آهي ۽ اِهو شايد ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن فوج طرفان اعلان ڪيل ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري عمل جو جواز فراهم ٿي سگهي. اڳوڻي نائب صدر مائينٽ سوي جيڪو هڪ اڳوڻو جنرل به آهي، چيو آهي ته ميانمار جي اليڪشن ڪميشن 8 نومبر 2020ع تي ٿيل گهڻ جماعتي عام چونڊن ۾ ووٽر لسٽن ۾ موجود وڏين بي ضابطگين کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر اُن الزام جا انتهائي گهٽ ثبوت منظرعام تي آندا ويا آهن. ايشيا ۾ هيومن رائيٽس واچ جي نائب ڊائريڪٽر فل رابرٽسن ٻڌايو ته ظاهر آهي ته آنگ سان سوچي زبردست چونڊ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان دوران چونڊن ۾ فراڊ جا الزام لڳا، جيڪي صدر ٽرمپ طرفان لڳايل الزامن وانگر هئا، يعني اِهي دعوائون بنا ثبوت جي ڪيون ويون. هن فوج جي اقتدار تي قبضي کي ناقابل معافي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڇا ووٽ جو مطلب اقتدار کان محروم ٿيڻ هو ۽ ان جو جواب نه آهي. نومبر وارين چونڊن ۾ ڏٺو ويو هو ته فوج جي حمايت واري پارٽي يونين سوليڊيريٽي اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي (يو ايس ڊي پي) صرف ڪجهه ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي، پر فوج ان باوجود حڪومتي فيصلن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، ان جو سبب 2008ع جو آئين آهي، جيڪو فوجي جنتا جي حڪومت دوران ٺاهيو ويو هو. ان آئين جي بدولت فوج کي پاڻمرادو پارليامينٽ ۾ هڪ چوٿائي سيٽون ملي وڃن ٿيون ۽ گهرو، دفاع ۽ سرحدي معاملن جي وزارت به ڏني وڃي ٿي. جيستائين اِهو آئين رهندو، فوج جو اثر به قائم رهندو، پر ڇا اين ايل ڊي هِن ڀيري پنهنجي اڪثريت سان اِهو آئين تبديل ڪري سگهي ٿي؟ جوناٿن هيڊ جو چوڻ آهي ته اِهو ٿيڻ مشڪل هو، ڇو ته ان لاءِ پارليامينٽ جي 75 سيڪڙو اڪثريت گهربل هوندي آهي، جيڪا تقريبن ناممڪن آهي، ڇو ته 25 سيڪڙو سيٽون ته فوج وٽ هونديون آهن. اڳوڻي صحافي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي پروفيسر ايئي من ٿينٽ چوي ٿي ته اڄ واري قدم جو هڪ ٻيو به سبب ٿي سگهي ٿو ۽ اُهو اِهو آهي ته فوج ۾ ندامت آهي. رنگون مان ڳالهائيندي هن چيو ته فوج کي اِها اميد نه هئي ته ان کي چونڊن ۾ شڪست ملندي، فوج سان خانداني لاڳاپا رکندڙن به ان جي خلاف ووٽ ڏنا آهن، ظاهر آهي ته ڳالهه ان کان وڏي آهي. اوهان کي اِهو ڏسڻو پوندو ته فوج ملڪ ۾ پنهنجي پوزيشن کي ڪيئن ڏسندي آهي؟ عالمي ميڊيا اڪثر آنگ سان سوچي کي ماءُ جو درجو ڏئي ٿي، پر فوج پاڻ کي قوم جو ابو تصور ڪندي آهي. ان جي نتيجي ۾ فوج ۾ اِهو تصور موجود آهي ته حڪومتي سرگرمين ۾ ان مٿان ذميواري آهي. تازن سالن ۾ ملڪ ۾ عالمي واپار وڌيو آهي ۽ اِهو اڳ ۾ ايڏي تيزي سان ناهي ڏٺو ويو، فوج ٻاهرين ماڻهن کي خطرو سمجهي ٿي، اهي چون ٿا ته اِهو ممڪن آهي ته عالمي وبا ۽ روهنگيا فردن کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه ملڻ تي عالمي ڳڻتي تي فوج اهڙي قدم جو سوچيو هوندو پر ان جي باوجود به اِهو حيران ڪندڙ آهي. ماهر ان حوالي سان ڪنهن هڪ سبب تي متفق نه آهن ته ائين ڇو ٿيو؟ پر ان ۾ هڪ ڳالهه تي اتفاق آهي ته ان سان فائدو نه ٿيندو. نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور ۾ ايشيا ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي پروفيسر جرارڊ مڪارٿي ٻڌايو ته اِهو فهم جي قابل آهي ته موجوده نظام فوج لاءِ انتهائي فائديمند آهي، ان کي مڪمل خودمختياري حاصل آهي، ان جا عالمي سرمائيڪاريءَ لاءِ به سٺا موقعا آهن ۽ عام شهرين لاءِ جنگي ڏوهن جا ذميوار سياسي حلقا آهن. پنهنجي اعلان مطابق هڪ سال تائين اقتدار تي قابض رهڻ تي چين کانسواءِ عالمي ساٿي ان کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا ۽ فوج جي واپاري منصوبن کي به نقصان پهچندو، جڏهن ته آنگ سان سوچي جا لکين حامي جن ان پارٽي کي ووٽ ڏنو هو اُهي به فوج لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويندا. هُو چوي ٿو ته شايد مستقبل جي چونڊن ۾ يو ايس ڊي پي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي، پر هِن قدم سان وڌيڪ خطرا لاحق ٿي ويا آهن. هيومن رائيٽس واچ جو فل رابرٽسن چوي ٿو ته خدشو آهي ته ان سان ميانمار هڪ ڀيرو ٻيهر خارج ٿيل رياست بڻجي سگهي ٿو ۽ ان سان ملڪي شهري به ناراض ٿي ويندا. هُو چوي ٿو ته مون کي نٿو لڳي ته ميانمار جا ماڻهو فوجي بغاوت کي خاموشيءَ سان قبول ڪري وٺندا، اُهي مستقبل ۾ فوج سان گڏجي اڳتي وڃڻ نٿا چاهين، اُهي آنگ سان سوچي کي فوجي آمريت خلاف هڪ ديوار جي طور تي ڏسن ٿا. اِها به اميد آهي ته مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿي ويندو. جيڪڏهن اسان وڏا احتجاجي مظاهرا ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا ته پڪ سمجهيو ته اِهو هڪ وڏي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.