239

سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريداري توڙي وڪري کي روڪڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريداري توڙي وڪري کي روڪڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، مخالف ڌر اوپن بيلٽ ذريعي چونڊن تي متفق ڇو نه پئي ٿئي؟ سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي پ پ سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته حڪومت ساڳئي معاملي تي آئيني ترميمي بل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ تائين عدالت ريفرنس تي ڪارروائي روڪي ته جيئن 2 ادارا آمهون سامهون نه ٿين. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته آئيني ترميم پيش ٿئي يا نه، عدالت کي تشريح ڪرڻ جو اختيار آهي، آئين ڪنهن به ميمبر کي پارٽي لائين جي خلاف ووٽ ڏيڻ کان نٿو روڪي، ثابت ڪرڻو پوندو ته پارٽي لائين خلاف ووٽ ڏيندڙ پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريداري توڙي وڪري کي روڪڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو