249

اتر وزيرستان ۾ ڏير ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ميران شاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ ميران شاهه جي هڪ ڳوٺ ۾ ڏير ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي ۽ گهر ٻاهريان بيٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ايس پي انويسٽيگيشن مطابق ميران شاهه جي ڏاکڻين طرف 25 ڪلوميٽر پري پاڪ_افغان سرحد ويجهو ڳوٺ لولي فقير ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڏير گهر ٻاهريان بيٺل نوجوان کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ گهر ۾ داخل ٿي پنهنجي ڀاڄائي ٻن نينگرين جي ماءُ ڳورهاري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو. آءِ جي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي جي حڪم تي ڊي پي او شفيع الله گنڊاپور خاص ٽيم جوڙي واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو