242

ويسٽ انڊيز کي پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابي سان ڪنداسين: شڪيب

چٽاگانگ(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور آل رائونڊر شڪيب الحسن چيو آهي ته ويسٽ انڊيز ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز جي ڪاميابي سان شروعات ڪنداسين. هن چيو ته ڪاري آنڌي خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز وانگر ٽيسٽ سيريز لاءِ پڻ ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي. هن چيو ته ويسٽ انڊيز ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ پڻ ڪيترائي اهم رانديگر دستياب نه هوندا، پر هن چيو ته ان جي ٽيم مهمان ٽيم خلاف پوري طاقت سان ميدان ۾ لهندي ۽ پهرين ميچ ۾ ڪاميابي سان سيريز جي شروعات ڪندي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هو ويسٽ انڊيز خلاف شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو