سن (ن سوڀ) بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار پروفيسر محمد ايوب عمراڻي جي ٻئين ورسي جي تقريب سندس پٽن اسماعيل عمراڻي ۽ سارنگ لطيف عمراڻي طرفان شاھ حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جي هال ۾ ڪوٺائي وئي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي يونس سنائي، نظر رونجهو، راجا عنايت سولنگي، شبير گهراڻو، خدا بخش جويو، انور منڱڻهار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترا بهترين ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن قلم وسيلي سماج جي عڪسبندي ڪئي آهي، انهن مان سن جي غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ محمد ايوب عمراڻي به هڪ هو، جنهن جبل جهڙي زندگي وڏي مشڪلاتن هوندي به بهادري سان گذاري، غريب هجڻ سبب هن محنت مزدوري ڪري پنهنجي تعليم پوري ڪئي ۽ سيوهڻ ڊگري ڪاليج جو پروفيسر ٿيو. مقررن چيو ته محمد ايوب عمراڻي زندگي جي سمورن ڏکن، دردن جي پيڙاهه ۽ سنڌ جي دردن کي محسوس ڪندي پنهنجي قلم ذريعي دوزخ جهڙو شاهڪار ناول لکيو، جنهن ۾ سنڌ واسين جي احساسن ۽ غريب جي خوابن جي ٿيندڙ قتل عام جي بهترين عڪسبندي ڪئي وئي آهي، ايوب عمراڻي کي هن قاتل انڊس هاءِ وي روڊ اسان کان جسماني طور کسي ورتو پر روحاني طرح سان هو اڄ به اسان گڏ آهي ۽ هميشه رهندو. تقريب کان اڳ سياسي سماجي اڳواڻن محمد ايوب عمراڻي جي آخري آرامگاھ تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي دعا پڻ گهري.
