230

سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد کانپوءِ لاهور جي گلشن اقبال پارڪ مان علامه اقبال جو مجسمو هٽايو ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد کانپوءِ لاهور جي گلشن اقبال پارڪ مان علامه اقبال جي مجسمي کي هٽايو ويو آهي. علامه اقبال جي اهڙي مجسمي جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ عوام پاران مجسمي جي غيرمعياري ڪم تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته هي مجسمو ڪنهن به حوالي سان علامه اقبال جو نٿو لڳي. هڪ سوشل ميڊيا جي واهپيدار  مجسمي تي سخت تنقيد ڪندي لکيو ته هي مجسمو ڪنهن ماهر آرٽسٽ نه پر مالهين ٺاهيو آهي. ٽوئيٽر تي علامه اقبال هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، ان ٽرينڊ ۾ سوشل ميڊيا واهپيدار پنجاب حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.  علامه اقبال جي مجسمي تي سوشل ميڊيا تي اهڙي تنقيد ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار نوٽيس ورتو ۽ سندس حڪم تي لاهور جي گلشن اقبال پارڪ مان علامه اقبال جي مجسمي کي هٽايو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت جاچ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو