259

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 2 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي 4 دهشتگردن کي ماري وڌو آهي، جڏهن ته آپريشن دوران پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ هڪ ڪمپائونڊ ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، ٺڪاڻي جو گهيراءُ ڪرڻ تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. آءِ ايس پي آر مطابق آپريشن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڀُنگ لاءِ اغوا، ڀتاخوري، آءِ اي ڊي ڌماڪن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ وارن واقعن ۾ ملوث هئا، جڏهن ته آپريشن دوران نائب صوبيدار امين الله ۽ سپاهي شيرزمين به شهيد ٿي ويا ۽ 4 فوجي جوان زخمي پڻ ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو