191

پارليامينٽ حملو ڪيس: پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن بريت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي وي پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بريت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي 7 سينيئر اڳواڻن به بريت جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، شفقت محمود، اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ عليم خان پي ٽي وي پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ بري ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2014ع ۾ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو، اڄ به احتجاج ٿي رهيا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت 18 مارچ تائين 3 بريت وارين درخواستن تي دليل طلب ڪري ورتا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو