اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي تاريخن بابت سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ مرحليوار چونڊون ڪرايون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 8 اپريل تي بلدياتي چونڊون ٿينديون، ٻئي مرحلي ۾ 29 مئي تي چونڊون ڪرايون وينديون. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب مطابق پهرين مرحلي جو اعلان 12 فيبروري ۽ ٻئين مرحلي جو اعلان 25 مارچ تي ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ ٽن مرحلن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پهرين مرحلي ۾ 20 جون تي بلدياتي چونڊون ٿينديون، ٻئين مرحلي ۾ 16 جولاءِ ۽ ٽئين مرحلي ۾ 8 آگسٽ تي بلدياتي چونڊون ٿينديون، بلدياتي چونڊن جو اعلان به مرحليوار ڪيو ويندو، پهرين مرحلي جو اعلان 12 اپريل، ٻئي مرحلي جو اعلان 18 مئي ۽ ٽئين مرحلي جو اعلان 2 جون تي ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن مطابق ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ بلدياتي چونڊون 8 اپريل ۽ 29 مئي تي ٿينديون، ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ چونڊن جو پهريون اعلان 12 فيبروري ۽ ٻئين مرحلي جو اعلان 25 مارچ تي ڪيو ويندو. جواب ۾ ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن جا 2 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ چئني صوبن، اسلام آباد ۽ ڪنٽونمينٽ ۾ بلدياتي چونڊن وارا معاملا غور هيٺ آيا. اليڪشن ڪميشن جي ٻنهي اجلاسن جا منٽس به عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن مطابق سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊن وارو معاملو 11 فيبروري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
