اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سوالن ۽ جواب واري وقفي دوران حڪومتي وزيرن ۽ مخالف ڌر جي گوڙ سبب مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. رپورٽن مطابق قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جواب جي وقفي دوران حڪومتي وزيرن ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي گوڙ سبب مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، مخالف ڌر ميمبرن پاران احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. وفاقي وزير فواد چوڌري اپوزيشن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته نواز ليگ خلاف پيپلز پارٽي سازش ڪري رهي آهي، پاڪستان ڊاڪو موومينٽ وارا ڀلي گوڙ ڪن. عمران خان ته انهن کي نه ڇڏيندو، چورن کي چوريءَ جي سزا ملندي. وفاقي وزير فواد چوڌري جي تقرير تي مخالف ڌر ميمبرن احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءَ ڪيو. توانائي ڊويزن واري وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري 2023ع تائين سرڪيولر ڊيٽ 1455 ارب رپين تائين پهچڻ جو خدشو آهي، حڪومت ان ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ملڪ جا 80 سيڪڙو فيڊرز تي هن وقت لوڊ مئنيجمينٽ نه آهي، سنڌ ۾ بجلي چورن تي هٿ وڌو ويو ته سنڌ حڪومت آڏو اچي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران پيپلزپارٽي جي ميمبر شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ توانائي ڊويزن واري وزير عمر ايوب خان ٻڌايو ته آءِ پي پيز سان معاهدي تحت انهن کي هاڻي ادائيگيون پاڪستاني رپئي ۾ ڪيون وينديون، جڏهن ته انهن جي اگهه ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي. انهن جاري ڳالهين کانپوءِ حتمي شڪل ملڻ کانپوءِ صارفين جي بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ايندي. هن ٻڌايو ته سرڪولر ڊيٽ بارودي سرنگهون ڇڏي ويا، لازمي ادائيگيون 2013ع ۾ 185 ارب رپيا، 2018ع ۾ 488 ارب رپيا هيون، 2020ع ۾ 860 ارب رپين تائين، 2023ع ۾ 1455 ارب رپين تائين ٿيڻ جو خدشو آهي، ملڪ ۾ ڪل 8 هزار 880 فيڊرز آهن، 80 سيڪڙو تي لوڊ مئنيجمينٽ نه آهي، جتي چوري، لائين لاسز وڌيڪ آهن اتي بهتري آڻي رهيا آهيون، جتي چورن تي هٿ وجهڻو آهي هنن جا ماڻهو اچي وڃن ٿا، سنڌ ۾ هٿ وڌوسين ته وڏي وزير چيو ته ايف آءِ آرز نه ٿيون ڪاٽي سگهجن. عمر ايوب خان ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) کي 40 هزار جي ليڊ سان شڪست ڏئي آيو آهيان، هنن مان ڪنهن کي شوق آهي مقابلو ڪرڻ جو ته اهو ميدان ۾ اچي وڃي، آئون پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي انهن کي شڪست ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ عمر ايوب خان ٻڌايو ته اسان پنهنجي ورڪرز جو پورو خيال رکون ٿا، اين اي 183 ۾ بجلي جا ٿنڀا تبديل ڪرڻ وقت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل لائين مين جي پونئيرن کي معاوضو ڏنو آهي، هاڻي ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي. عبدالشڪور جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته مقامي سطح تي ڊرلنگ جي وقت مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. منوره بي بي جي سوال جي جواب ۾ عمر ايوب خان ٻڌايو ته بلوچستان سدرن جي لاءِ وزيراعظم تاريخي پئڪيج ڏنو آهي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مخالف ڌر ۾ گاڊ فادر کان معاملو هاڻي ان جي حوارين تائين پهچي ويو آهي، ڪير ڊرگ مافيا ۽ ڪير قبضا گروپ آهي، ڪو فارن فنڊنگ وارو آهي جيڪو عام چونڊن ۾ پنهنجي خرچ ڪيل ڪاري ناڻي جو پئسو سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪري پورو ڪرڻ چاهي ٿو، انهن کي 26 هين آئيني ترميم سان پنهنجي ڏهاڙي بند ٿيڻ جو خطرو نظر اچي رهيو آهي، مخالف ڌر جيڪو مرضي ڪري نئون پاڪستان ٺهي رهندو. وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين ۽ مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر جيترو مرضي گوڙ ڪري عمران خان کي چورن کي اين آر او ناهي ڏيڻو، هي پاڻ سان گڏ هاڻي ”چور چور“ جا پوسٽر به کڻي آيا آهن پر قوم کي انهن جي شڪلن مان خبر آهي ته هي سرٽيفائيڊ چور آهن، ”پاڪستان ڊاڪو موومينٽ“ پاڪستان جي آئين جي ڪاپي سان ڊيسڪون وڄائي ان جي توهين ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران چوڌري فواد حسين چيو ته شازيه مري مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن کي چور چور جا پوسٽر ڏئي رهي آهي، ”پاڪستان ڊاڪو موومينٽ“ جي ميمبرن پاڪستان جي آئين جي ڪتاب کي ڊيسڪ وڄائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، ان سان آئين جي توهين ٿئي ٿي، جيڪو ڪم روڊ تي ٿئي، هي هتي نه ڪن. گذريل ڏينهن انهن جي ميمبرن چيو ته آئين ۾ ترميم ۾ سنجيدگي ٿئي، هي رڳو پنهنجا ڪيسز ختم ڪرڻ ۽ اين آر او لاءِ ڪري رهيا آهن، عمران خان انهن کي نه ڇڏيندو، عمران خان تبديل ناهي ٿيو، انهن چورن کي انهن جي چوري جي سزا ملندي. هن چيو ته شين سان گڏ قانونسازن جو به معيار هجڻ گهرجي، چورن جو اڳواڻ لنڊن ويٺل آهي ۽ 40 چور هتي ڇڏي ويو آهي. عبدالقادر پٽيل جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير مراد سعيد ٻڌايو ته اسان ڏوهارين جو پاڪستان مان خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر کي چور چور وارا پوسٽر آڻڻ جي ضرورت نه هئي، ڇو ته هي سڀ چور آهن، اهي پوسٽر ڏسي نواز شريف به انهن کي مس ڪندو، انهن ماڻهن استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه جي تاريخن تي تاريخون ڏنيون. ڪيپٽن (ر) صفدر جي ڀاءُ به انهن جو چوڻ نه مڃيو، 24 ارب رپين جا قرض اسان لاٿا، هي اين آر او جي لاءِ تاريخون ڏئي ويا، اسان پهرين روڊ سيفٽي پاليسي آندي. قومي اسيمبلي ۾ هلندڙ هفتي چوٿين ڏينهن به گوڙ ۽ هنگامي جي ڪري ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيل رهيو، جتي ڪن تي پيل آواز به ٻڌڻ ۾ نه اچي رهيو هو. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ئي مخالف ڌر جي پارٽين جي ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، انهن ايوان ۾ سيٽيون وڄايون ۽ پوسٽر ڦڙڪايا، جڏهن ته ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائيندا رهيا، ميمبرن پاڪستان جي آئين جي ڪاپين سان ڊيسڪ وڄايا، بعد ۾ سمورا ميمبر اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ ڪري نعريبازي ڪندا رهيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ غوث بخش مهر چيو ته ايوان ۾ سيٽيون وڄائيندڙن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهو روايت جي ابتڙ آهي، اهڙا ڪم سئنيما گهرن ۾ ٿيندا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ميمبر سيٽيون وڄائڻ کان پاسو ڪن. قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد حسين طارق ايوان ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، ڊپٽي اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو، ميمبرن جو گهربل انگ پورو نڪرڻ تي ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي وئي. 4 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي، چوٿون ڀيرو ڪورم پورو نه هجڻ سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. ڪالهه خميس ڏينهن 26 هين آئيني ترميم تي ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته هن وقت جيڪا ترميم بحث هيٺ آهي اها تاريخ جي سڀ کان اهم ترميم آهي، اها ترميم 20 رڪني ڪميٽي منظور ڪئي آهي، ان دوران مسلم ليگ (ن) جي ميمبر انجنيئر خرم دستگير خان ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، ڳڻپ ڪرڻ تي ڪورم پورو نه نڪتو. قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي وچ ۾ سخت جهڙپ ٿي، مخالف ڌر پاران اسپيڪر جي ڊائيس تي وڃڻ کانپوءِ حڪومتي ميمبر انهن کي پٺتي هٽائڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد نويد قمر ٻين ميمبرن سان گڏجي اسپيڪر ڊائس تي هلي ويو ۽ ان سان سخت لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳو ته ان دوران حڪومتي ميمبر به اتي پهچي ويا، جنهن تي انهن هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا. جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر کي اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو.
