347

بائيڊن لاءِ نئون امتحان بڻيل چين جي پاليسي….

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

اڳوڻي صدر ٽرمپ ھڪ ماڊل ڊڪٽيٽر بڻجڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ھئي، خاص طور تي ولاديمير پيوٽن، طيب اردگان، شي جن پنگ ۽ ڪم جونگ ان جن جي طرز حڪمرانيءَ کي ڏسندي هن به ھر اداري کي سڌيءَ طرح پنهنجي ھيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ٿيو ائين جو آمريڪا ۾ ادارا ڪمزور ٿيڻ لڳا، ٽرمپ طرفان ڪمزور ڪيل ادارن کي جڏهن صدر بائيڊن سنڀاليو ته سڀ کان پھريان ھن جي آڏو آمريڪا جو وڃايل وقار حاصل ڪرڻ ھو، جيتوڻيڪ صدر بائيڊن جي حوالي سان اھي ڳالهيون عالمي ميڊيا ۾ گردش ۾ ھيون ته ھو آمريڪا جو ڪمزور صدر ھوندو پر ھن جي انتظاميا جي چونڊ ۾ اھم ڪردار اڳوڻي صدر بارڪ اوباما ۽ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو آهي، سڀ کان پھريان لبيا مان ترڪي ۽ روس جي فوج ڪڍڻ لاءِ جيڪا حتمي تاريخ ٽرمپ انتظاميا مقرر ڪئي ھئي، ان تاريخ تي ترڪيءَ ۽ روس جون فوجون نه نڪري سگهيون، آمريڪا طرفان لبيا ۾ ترڪيءَ جي ڪردار کي محدود ڪرڻ جو مقصد اهو ٿيو ته بائيڊن انتظاميا ھاڻي وزيراعظم فياض السراج جي گورنمينٽ آف نيشنل اڪارڊ نه پئي ڪري، جنهن سان خليفا ھفتار کي ٽريپوليءَ تي ڄڻ ته قبضي جي اجازت ڏئي سعودي عرب ۽ عرب امارات کي راضي ڪرڻ آهي، پر روس ۽ سندس ويگنر ويڙھاڪن کي به لبيا ڇڏڻي پوندي، پر اھڙي عمل سان ترڪيءَ جي عالمي ڪردار کي ڌڪ رسندو، جيڪو تازو ئي آمريڪي فوجن جي جڳهه تي ترڪ فوج مقرر ڪندو، جھڙيءَ طرح شام ۾ مقرر ٿيل آهي، بائيڊن انتظاميا جي لاءِ اوباما دور ۾ ڪيل ٺاهه جنهن ۾ مستقل پنج ۽ واڌو جرمني گڏجي ڪري ايران سان نيوڪليئر معاھدي جي پاسداري ۾ شامل هئا، جنهن کي ٽرمپ نه صرف سعودي عرب پر اسرائيل جي چوڻ تي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو، ٽرمپ يورپي يونين جي اڳواڻن جي ھڪ به نه ٻڌي پر ان جي ابتڙ ھنن جي بيعزتي ڪئي، پر ھاڻي جڏهن بائيڊن انتظاميا ايران سان ٺاھ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ته اھڙي وقت ۾ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل بائيڊن انتظاميا کي پيغام موڪليو آهي ته ايران سان ٺاھه ۾ ھنن کي ڌر بڻايو وڃي، نه ته هو ابراھام اڪارڊ جي پاسداري  نه ڪندا، بائيڊن انتظاميا جي لاءِ ٽيون اشو افغانستان جو آهي، جتان ٽرمپ آمريڪي فوجن کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪري چڪو ھو ۽ طالبان سان امن ڳالهين ڪرڻ واسطي پاڪستان کي امداد پڻ ڏني، پر بائيڊن انتظاميا اعلان ڪيو ته هو طالبان سان ٿيل امن ڳالهين جو نئين سر جائزو وٺندا ۽ زلمي خليل زاد ئي خاص نمائندو ھوندو، طالبان بائيڊن انتظاميا جي اھڙي رويي کان پوءِ ھڪ طرف امن ڳالهين جي ختم ڪرڻ جو الزام آمريڪا تي ھنيو ۽ ٻئي طرف وري پنهنجو وفد ايران ۽ ماسڪو موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري وري نئين جنگ جي شروعات ٿي سگهي ٿي. جوبائيڊن جيئن ئي صدرٿيو ته ھن پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان مختلف ملڪن جي سربراھن کي فون ڪئي پر سڀ کان اھم فون روسي صدر پيوٽن کي ڪئي، جنهن جو ھڪ سبب اهو به ھو ته يورپي يونين جي سربراھن کي سڌيءَ طرح راضي ڪرڻ جي بدران صدر پيوٽن خلاف سندس مخالف اڳواڻ اليڪزر نولينيءَ جي گرفتاريءَ ۽ سندس حمايت ۾ ھلندڙ احتجاج تي سخت موقف رکيو ۽ ساڳي وقت تي ڪرائيميا تي به ٿيل قبضي تي سخت لھجو رکيو، پر ھي دٻنامو نه صرف صدر پيوٽن کي پر چين کي به آهي، جنهن جي روس کي پٺڀرائي آهي، صدر بائيڊن جي اھڙي ڪال کان پوءِ روس ۾ احتجاج جو سلسلو وڌي ويو آهي، جنهن تي فارين پاليسي اخبار پنهنجي ھڪ تجزياتي ڪالم ۾ لکيو آهي ته ڇا صدر پيوٽن وڃڻ وارو آهي؟ صدر بائيڊن جي اھڙن تڪڙن قدمن کي نظر ۾ رکندي صدر شي جن پنگ آمريڪا جي خلاف جارحاڻي پاليسي اختيار ڪندي سڀ کان پھريان انڊو پيسفڪ اتحاد کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ تائيوان جي ھوائي حدن ۾ جنگي جھاز موڪلي سڄي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ھڪ قسم جو جنگي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، چين جي اھڙي قدم کان پوءِ جاپان، آسٽريليا ۽ ٻيا آمريڪي حمايتي ملڪ سڪتي ۾ اچي ويا آهن، اھڙي صورتحال کي محسوس ڪندي بائيڊن انتظاميا جاپاني سامونڊي حدن ۾ستون جنگي ٻيڙو موڪليو آهي ۽ ساڳي وقت تي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ جنگي جھاز موڪلي تائيوان جي صدر تسائي انگ وين جي ان دانهن کي ورنايو آهي، جنهن ۾ ھن آمريڪا سوڌو عالمي برادريءَ کي چيني جارحيت جي خلاف مدد جي اپيل ڪئي هئي، پر چين ان جو جواب ھن انداز ۾ ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ يعني آمريڪا سوڌو تائيوان جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ته اھا چين جي خلاف جنگ تصور ڪئي ويندي، اڃان بائيڊن انتظاميا تائيوان جي حوالي سان ڪو قدم ئي نه کنيو ته ميانمار ۾ آنگ سانگ سوچي جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري فوجي جنرل من آنگ ھلينگ سڀ پاور پنهنجي ھٿ ۾ رکي آنگ سانگ سوچي ۽ سندس حمايتين کي نظربند ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ آنگ سانگ سوچي کي اوباما جي دور ۾ امن جو نوبل انعام مليو ھو جنهن ۾ صدر بائيڊن جو به اھم ڪردار ھو پر ھن جڏهن ڪجهه اھم وزارتون فوجين کي ڏنيون ھيون ته آمريڪي اسٽيبلشمينٽ کي شڪ پيو ته آنگ سانگ سوچي به چين جي وڪڙ ۾ اچي وئي آهي، پر ٽرمپ جي سڄي دور ۾ ھن ملڪ ڏانهن آمريڪي پاليسيءَ جو ڪو عمل دخل نظر نه آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي تجزيو ڪندڙن مطابق چين نه صرف فوجين ۽ آنگ سانگ سوچيءَ کي پر روھنگيا مسلمانن کي پڻ ڳجھيءَ طرح سان ھٿيار ڏئي فوجين ۽ آنگ سانگ سوچيءَ جي جمهوري حڪومت تي دٻاءُ وڌايو، روھنگين جي مدد ڪرڻ جو ھڪ اھم سبب سندن علائقي ۾ ھڪ ته تيل ۽ گئس ۽ گهرو سمنڊ ۽ سڄيون سامونڊي حدون اچي وڃن ٿيون ۽ ساڳي وقت چين ميانمار ۽ گوادر وارن بندرن کي ملائي سڄي ملاڪا جي سامونڊي  واپار تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي، ميانمار ۾ مارشل لا صدر بائيڊن ۽ سندس انتظاميا جي خارجي پاليسيءَ جو امتحان آهي، ڇاڪاڻ ته نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ آنگ سانگ سوچيءَ جي جمهوري ھجڻ تي ئي اعتراض واري ڇڏيا آهن، ته پوءِ آخر آمريڪا ڪنهن تي اعتبار ڪري ۽ ملڪ جي اندر ڪھڙي ڌر کي پنهنجو حمايتي سمجهي بيان جاري ڪري ڇاڪاڻ ته چين ميانمار ۾ مارشل لا  جي حمايت ۾ بيان ڏئي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو