ليکڪ: اسد علي آرائين
ليبارٽريون صحت جي شعبي ۾ تمام اھم خدمتون انجام ڏينديون آھن. ھي مختلف ڪيميڪلز ۽ طريقيڪارن جي استعمال سان مختلف ٽيسٽن جا نتيجا فراھم ڪنديون آھن ۽ انهن نتيجن جي معيار کي درستگي، اعتبار ۽ وقت جي لحاظ سان طئه ڪبو آھي، ٽيسٽنگ جي عمل دوران ماپ طور جون ڪجهه سطحي غلطيون ضرور ٿينديون آھن، پر چيلينج اھو آھي ته جيترو ٿي سگهي ان غلطي جي ليول کي گهٽائجي، 99 سيڪڙو درستگي پهرين نظر ۾ ته قابل قبول ٿي سگهي ٿي، پر ليبارٽري جهڙي سسٽم ۾ ھڪ سيڪڙو ارر يا غلطي به تمام وڏي ٿي سگهي ٿي. ڪلينيڪل ۽ پلبڪ هيلٿ ليبارٽرين جي نتيجن تي ڀاڙينديون آهن ۽ اھي نتيجا وري ٽيسٽنگ ۽ رپورٽنگ جي درستگي تي ڀاڙين ٿا. جيڪڏھن ٽيسٽنگ ۽ رپورٽنگ جو عمل صحيح ھوندو ته ان جا نتيجا به صحيح نڪرندا ۽ جڏھن ٽيسٽنگ ۽ رپورٽنگ عمل غلط ھوندو ته ان جا نتيجا به غلط ايندا، جيڪي صحت لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، اھڙي طرح ليباريٽرين جي اندر ڪيترن ئي قسمن جا خطرناڪ ۽ حساس ماده به موجود ھوندا آھن، جن مان زھريلن اثرن، تابڪاري شعاعن ۽ باھ جو خطرو ھوندو آھي، ليباريٽرين ۾ مختلف قسمن جا ڪارسينوجنز، ٽوڪسنز ۽ ڪوروسِوَ ايجنٽس به موجود ھوندا آھن، جن مان ڪينسر سان ڳڏ جگر، چمڙي ۽ اکين جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون. ليباريٽرين مان خارج ٿيندڙ زھريلو ۽ خطرناڪ مواد ماحول لاءِ پڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، اھڙن خطرن جي روڪٿام لاءِ وڏي احتياط ۽ مسلسل نگراني جي ضرورت ھوندي آھي.ھڪ اھڙي مئنيجمينٽ سسٽم جي ضرورت ھوندي آھي جيڪو ليبارٽري جي اندر موجود ڪيميائي سامان، ٽيسٽ جي طريقيڪارن ۽ ذاتي حفاظتي سامان جو جائزو وٺي. ليبارٽريون ھڪ پيچيده سسٽم وانگر آھن جنهن ۾ ڪيترائي مرحلا ۽ ماڻهون اچي وڃن ٿا جنهن کي مينيج ڪرڻ لاءِ ھڪ سسٽم جي ضرورت ھوندي آھي.ڪوالٽي مئنيجمينٽ سسٽم ھڪ اھڙو ئي ماڊل آھي جيڪو سڄي ليبارٽري سسٽم جي حفاظتي ۽ معياري نظرداري ڪندو آھي. ٽيسٽ عمل جي پيچيدگين کي ڪنٽرول ڪندو آھي.ڪوالٽي مئنيجمينٽ سسٽم ٽيسٽ عمل جي طريقيڪار ۽ نتيجن جي معيار کي منظم نموني سان ترتيب ڏيڻ جو نظام آھي جيڪو ٽيسٽنگ سيمپل وٺڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽ نتيجن جي رپورٽنگ تي ختم ٿئي ٿو .ھي عمل ۽ انتظام جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام ضروري آھي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انساني صحت ۽ ماحول جي حفاظت لاءِ ليبارٽري جو ڪم صحت ۽ حفاظت واري قانون سان مشروط آھي، ان جي ابتڙ اسان جي ملڪ جي ليبارٽرين جي اڪثريت جو معيار ھميشه کان پوئتي رھيو آھي.جنهن جو بنيادي سبب غير معياري ڪيميڪلز، غير معياري اوزار، جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ، غير تربيت يافته اسٽاف سان گڏ ليبارٽري ٽيڪنالاجسٽ جي کوٽ پڻ آھي. ٽيسٽ نتيجن جون بي سبب قيمتون وڌائڻ سان گڏ بي بنياد رپورٽون ڏيڻ عام آھي، جيڪي اڪثر ڪري نمونن جي طريقيڪار ۽ ٽيسٽ نتيجن سان ھٿ چراند ڪري ڏنيون وينديون آهن، اھڙي صورتحال ۾ اھڙن ضابطن ۽ قانونن جي ضرورت آھي جيڪي مريض جي صحت جي حفاظت سان گڏ ٽيسٽ جي نتيجن کي به معياري بڻائين ۽ ليبارٽري جي ٽيڪنيڪل صلاحيتن ۽ ٽيسٽ نتيجن جي درستگي به ٿي سگهي، ليبارٽري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيسٽنگ ۽ رپورٽنگ جي عمل کي جديد ڪري حڪومت کي به گهرجي ته غير معياري ڪيميڪل ٺاھيندڙن ۽ غير معياري نتيجا فراھم ڪندڙ ليبارٽرين خلاف سخت پاليسي اختيار ڪري ڪوالٽي مئنيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻائي.