213

سينيٽ چونڊ بابت ترميمي بل، مخالف ڌر کي اهميت ڏيڻي پوندي…

ايڊيٽوريل

حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت 26 هين آئيني ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اسيمبلي اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم 26 هين آئيني ترميم جو بل 2020ع پيش ڪيو، ان موقعي تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪري بل جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو اڇلائي ڇڏيون ۽ سخت نعريبازي ڪئي، مخالف ڌر جي ميمبرن بل بابت چيو آهي ته هي حلالو ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪو ڪرڻ نه ڏينداسين، مخالف ڌر جي سخت احتجاج دوران (ن) ليگي ميمبر محسن شاهنواز رانجها کي به ڳالهائڻ کان روڪيو ويو، ان دوران اسپيڪر چيو ته خبر ناهي ته اوهان ڇا ٿا کائو، اوهان جو آواز وڏو آهي، جڏهن ته قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته هي بل دراصل سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت آهي، ڇا آئيني ترميم آڻڻ غير آئيني ڳالهه آهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي نه آهي، هن چيو ته جيڪڏهن آئين جي ترميم کي آئين جي خلاف ڏنو ويو ته پوءِ الله ئي مالڪ آهي، هوڏانهن مخالف ڌر جي سخت احتجاج سبب فروغ نسيم ترميم بابت بل جا خدوخال پيش نه ڪري سگهيو، حڪومت بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ صدارتي ريفرنس جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پڻ آندو آهي، جتي ان درخواست تي ٻڌڻيون ۽ بحث اڳ ئي هلي رهيو آهي، حڪومت جي ڄاڻايل بل کي اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر رد ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻ حڪومت ڪنهن به طريقي سان اهڙو بل آڻڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ اها سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ وزيراعظم چونڊن کان اڳ ئي پنهنجي اڪثريت جي دعويٰ به ڪري ڇڏي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت هر ڳالهه ۾ تڪڙ ۽ دٻڙ دئونس کان ڪم وٺي مخالف ڌر کي هيسائي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ چاهي ٿي پر آئين ۾ ترميم ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ۽ اها به هڪ سنجيده قسم جي بل تي ترميم چاهي ٿي، جنهن لاءِ ايوان ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گهربل هوندي آهي، ان قسم جي سنجيده ترميمن ۽ بلن بابت هڪ گڏيل حڪمت عملي ۽ سوچ گهربل هوندي آهي ۽ ان ۾ ايوان ۾ موجود سمورين پارٽين کي آن بورڊ ورتو ويندو آهي، خبر نه آهي ته وزيراعظم سينيٽ ۾ اڪثريت جي دعويٰ ڪهڙن بنيادن تي ڪئي آهي، جڏهن ته حڪومت جي اڪثريت جي حالت اها آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ان کي صرف 4 ووٽن جي انتهائي سادي اڪثريت آهي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ صرف هڪ ووٽ جي اڪثريت آهي ۽ اها به اتحادين جي هڪ معمولي ٽيڪ آهي، موجوده حڪومت جي روين ۽ ڪم جي ڍنگ کان ان جا اتحادي به هاڻ بيزار ٿي رهيا آهن ۽ ڪٿي هلڪا ته ڪٿي واضح آواز اچي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ۾ آئين ۾ ترميمن بابت بل تي حڪومت جي سنجيدگي ڪنهن به طرح سان نظر نه پئي اچي، لڳي ته ائين ٿو ته حڪومت پاڻ اهڙو بل منظور ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي، صرف هڪ اشو طور ان کي سامهون آڻي اهو الزام به مخالف ڌر جي مٿان وجهڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ان کان اڳ ماضي جي حڪومتن ۾ 18 هين ترميم سميت ڪيترائي اهم بل مخالف ڌر جي گڏيل رضامندي سان منظور ٿي چڪا آهن، پر ان لاءِ پوائنٽ اسڪورنگ بدران مخالف ڌر جي موقف کي به تسليم ڪيو ويو هو، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ قومي معاملن تي پوائنٽ اسڪورنگ بدران سنجيدگي سان مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي ۽ انهن جي ڳالهه ۽ موقف کي تسليم ڪرڻ وارو رويو اختيار ڪيو وڃي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ اهم بلن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو