231

حڪومتي تبديلي وارو فارمولو ۽ پ پ جي حڪمت عملي…

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

ملڪ جي سياست  ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌرين ۾ جاري ڇڪتاڻ هن وقت تمام گهڻي دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ طرفان وزيراعظم عمران خان کي  31 جنوري 2021ع تائين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃڻ وارو ڏنل الٽيميٽم ڪجهه ڏينهن اڳ پورو ٿي ويو، پر وزير اعظم عمران خان  پنهنجي عهدي تي برقرار آهي ۽ پي ڊي ايم خلاف  جنگ جي ميدان ۾ مورچابند آهي. ظاهري طور تي حڪومت ۽ پي ڊي ايم ۾ وڏو جنگ جو ميدان گرم ٿيل معلوم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ مخالف ڌر جي حڪومت قائم ڪرڻ واري رسا ڪشي زور آهي. وزيراعظم صاحب گهٽ ۾ گهٽ ٻن مهينن کان لڳاتار اوجاڳا ڪري رهيو آهي ۽ مخالف ڌر جي حملن جو منتظر آهي، پر سندس اهو انتظار مسلسل وڌي رهيو آهي. ان دوران پي ڊي ايم طرفان جلسن ۽ جلوسن واري محنت ۽ ڪشالن کي في الحال هڪ پاسي رکي حڪومت خلاف پارليامينٽ ۾ ديرا ڄمايا پيا وڃن. وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واريون رٿون ايوانن ۾آڻڻ وارا ٻيا محاذ کوليا پيا وڃن، جنهن تي اڄ پي ڊي ايم جي قيادت جي اهم اجلاس ۾ فيصلا ٿيڻ وڃي رهيا آهن. مخالف ڌر جي جماعتن خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي تجربيڪار جماعت طرفان وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واريون رٿون آڻڻ جا اعلان ڪيا ويا آهن. جنهن تي پي ڊي ايم ۾ صلاح مشورا ۽ انهن رٿن جي ڪاميابي لاءِ امڪانن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ رٿابندي جاري آهي.هوڏانهن وفاقي حڪومت جي قومي اسيمبلي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي پنجاب اسيمبلي ۾ پوزيشن گهڻي مضبوط نه آهي، وزير اعظم عمران خان ۽ قومي اسميبلي جي اسپيڪر کي اتحادين جي صرف 4 ووٽن جي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي حڪومت صرف هڪ آزاد ميمبر جي ووٽ جي سرسي تي بيٺل آهي، انهن ٽنهي عهدن لاءِ ٿورڙي فرق سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم کي لڳ ڀڳ حڪومت جي برابر اسيمبلي ميمبرن جي طاقت حاصل آهي، ساڳي وقت ۾ پي ڊي ايم طرفان جلسن ۽ جلوسن واري محنت ۽ ڪشالن کي في الحال هڪ پاسي رکي ملڪ ۾ ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۽ سينيٽ آف پاڪستان جي چونڊ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ پڻ سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن ۽ اتان پنهنجا وڌ ۾ وڌ سينيٽر چونڊرائي سرڪار جي عددي لحاظ کان تڏا ويڙهه ڪرائڻ لاءِ سندرا ٻڌجي چڪا آهن. اهڙي ريت مخالف ڌر جون اتحادي جماعتون پنهنجي ٿڌي حڪمت عملي تحت پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پنهنجي ميمبرن ۽ ووٽن جي تعداد وڌائڻ ۾ مصروف آهن. اهڙي صورتحال ۾ سرڪار جو پريشان ٿيڻ لازمي هو، حڪومت جي حڪم تي سرڪاري عملدارن ۽ ڪارندن جي لشڪرن، بلڊوزرن ۽ بندوقن جي زور تي لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ مخالفن جا محل ۽ گهر ڊاهڻ شروع ڪيا آهن، سرڪار سڳوري جي ڳاڙهين اکين وارن وزيرن ۽ مشيرن موجب مخالفن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو وڏن ماڻهن جي عمارتن جو صفايو ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ مخالفن تي ڪيس ٺاهڻ واريون مشينون چالو ٿي ويون آهن ۽ ڪيترائي ڪيس تيار ڪرڻ ۽ مخالفن جون وڌ ۾ وڌ گرفتاريون ڪرڻ لاءِ پڻ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. ٻنهي ڌرين ۾ معاملا طئه نه ٿيڻ ڪري سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ وارا منظر صاف نظر اچي رهيا آهن، مارچ تائين سينيٽ جي چونڊن ۽ خالي تڪن تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن وارو عمل مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ طرفان نئين صورتحال ۾ ايندڙ وقت لاءِ فيصلا ڪرڻ ۽ عوام جي هلچل وارو ٽيون مرحلو شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي.اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ جون حالتون پڻ خراب هجن ۽ حڪومت جنهن کي ڪا وڏي اڪثريت به حاصل نه هجي ۽ اها پنهجي اقتدار جي آخري حصي ٽئين سال ۾ ڪارڪردگي به افسوسناڪ هجي ۽ اها پنهنجي غيرمقبوليت واري صورتحال ۾ اڌارا ساهه کڻي رهي هجي ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته ديوار ڪرڻ واري آهي. پر اها پڻ حقيقت آهي ته حڪومت جي مقابلي ۾ مخالف ڌر جي ڪنهن به هڪ جماعت کي اڪيلي سر حڪومت ڊاهڻ ۽ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ واري پارليامينٽ ۾ تعداد ۽ طاقت حاصل نه آهي، صرف هڪ سال ڏکيو سکيو گذارڻ بعد حڪومت جو آخري سال شروع ٿيندي ئي ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿيڻ واري مهم شروع ٿي ويندي، ان حوالي سان مسلم ليگ نواز ۽ جي يو آءِ طرفان پنهنجي هاڻوڪي سوچ موجب حڪومت ڪيرائي عمران خان کي سياسي شهيد بڻائڻ ۽ ناڪام حڪومت وارو جنڊ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ بدران حڪومت کي پنهنجي مدي جا باقي رهيل 2 سال پورا ڪرڻ ڏيڻ ۽ ان دوران هن کي عوام ۾ بدنام ڪرڻ واري مهم جاري رکڻ کي بهتر سمجهيو پيو وڃي، شايد اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جي جماعتن طرفان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي ڪامياب ٿيڻ ۾ گهڻي دلچسپي جو مظاهرو نه پيو ڪيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت سان رڳو ڪوئي ۽ ٻلي واري راند جاري رکڻ کي بهتر سمجهيو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت طرفان پڻ پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي رڳو مخالف جماعتن خلاف ڪاررواين کي ئي تيز ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ پي ڊي ايم جي جماعتن لاءِ باقي 2 سال امن ۽ خاموشي سان گذارڻ پڻ وڏو مسئلو بڻجي رهيو آهي. ملڪ جي هاڻوڪي بدنظمي واري صورتحال ۾ ممڪن آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي تجربيڪار قيادت وٽ ان حوالي سان ڪو اهڙي قسم جو انتظام يا رٿا هجي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ۾ڪا گڏيل حڪومت ٺاهي وڃي ۽ اها باقي ٻن سالن وارو حڪومتي مدو سنڀالڻ لاءِ تيار ٿئي ته ان ۾هاڻوڪي حڪومتي اتحاد ۽ پي ڊي ايم وارين پارلياماني جماعتن کي هڪ توازن سان ويهاري پارليامينٽ جي ذريعي ئي حڪومت کي تبديل ڪرڻ وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي. ان امڪاني رٿا يا هڪ فارمولي تحت ڪا گڏيل حڪومت يا قومي حڪومت قائم ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ کي هاڻوڪي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهجي، يقينن ملڪ جي هاڻوڪي ناتجربيڪار، بي فيض ۽ انتقامي سوچ رکندڙ حڪومت کي تبديل ڪرڻ سمورين سياسي ڌرين جو گڏيل نقطو ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان به بهتر ملڪ کي سنڀالڻ لاءِ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ هر ڌر لاءِ خير واري ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ان نيڪ ڪم ۾ جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ڪو رستو ڪڍي ٿي يا اڳواڻي ڪري ٿي ته ان رٿا تي يقينن ڪنهن به ڌر کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو؟. ان انتظام تحت ٺهندڙ گڏيل حڪومت عمران خان واري تڪراري حڪومت کان سئو ڀيرا بهتر هوندي، ان کانسواءِ اهو فيصلو پارليامينٽ ۾ وزيراعظم تي بي اعتمادي واري رٿ جي منظوري ۽ نئين وزيراعظم جي ڪاميابي جي صورت ۾ سئو سيڪڙو آئيني ۽ قانوني به هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو