143

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عورتن لاءِ نئون مقامي حڪومت وارو نظام گيم چينجر آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ جن نئين مقامي حڪومتن جي نظام جي منظوري ڏني آهي اهو گيم چينجر آهي، اپوزيشن چاهي ٿي ته سندن سمورا ڪيس ختم ٿين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عورتن جي جنهن نئين مقامي حڪومتن جي منظوري ڏني آهي، اهو گيم چينجر آهي. سڄي ضلعي جو چونڊيل چيئرمين، ميئر، سمورن مقامي انتظامي معاملن جو ذميوار هوندو. ان نظام سان نئين صوبي ٺاهڻ جي ضرورت عملي طور ختم ٿي وڃي ٿي. هن سال ان نئين نظام تحت سڌي ريت چونڊون ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو