143

ڪشميري آگسٽ 2019ع کان بدترين فوجي گهيري هيٺ آهن: محبوبه مفتي

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي چيو آهي ته ڪشميري آگسٽ 2019ع کان مسلسل بدترين فوجي محاصري ۾ آهن، نئين دهلي جي سرحد تي احتجاج ڪندڙ هارين جي آسپاس وڇايل کاردار تارون ڪشميرين لاءِ ڪو نئون نظارو ناهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪشميرين کي دٻائڻ جو جيڪو بي رحماڻو رويو اختيار ڪيو ويو آهي اهو تصور کان ٻاهر آهي. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون والاريل ماٿري ۾ سياسي اڳواڻن ۽ واپارين کي حراسان ڪري رهيون آهن ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ لاءِ صحافين مٿان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو