162

چين جو مستحق ملڪن کي ويڪسين جي هڪ ڪروڙ خوراڪ ڏيڻ جو اعلان

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين چيو آهي ته چين ڪووڊ-19 ويڪسين تي عمل جي منصوبي ۾ شريڪ آهي ۽ صحت جي عالمي اداري سان ڀرپور رابطو برقرار رکيو ويو آهي ته جيئن ڪورونا ويڪسين کي عالمي سطح تي عوامي مصنوعات بڻائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ قابل پهچ ۽ گهٽ قيمت ويڪسين جي فراهمي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. هڪ پريس ڪانفرنس ۾ وانگ وين بين چيو ته صحت جي عالمي اداري جي درخواست جي روشني ۾ چين خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي فوري ضرورتن لاءِ ڪووڊ-19 ويڪسين تي عمل منصوبي تحت ويڪسين جي هڪ ڪروڙ خوراڪون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو چين طرفان ويڪسين جي منصفاڻي ورڇ کي هٿي ڏيڻ، ڪورونا وبا جي روڪٿام بابت بين الاقوامي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۽ انساني صحت جي برابري واري معاشري جي تصور تي عمل ڪرڻ لاءِ کنيل هڪ ٻيو اهم قدم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو