171

مخالف ڌر ۾ گاڊ فادر کان معاملو هاڻي ان جي حوارين تائين پهچي ويو آهي: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مخالف ڌر ۾ گاڊ فادر کان معاملو هاڻي ان جي حوارين تائين پهچي ويو آهي، ڪير ڊرگ مافيا ۽ ڪير قبضا گروپ آهي، ڪو فارن فنڊنگ وارو آهي جيڪو عام چونڊن ۾ پنهنجي خرچ ڪيل ڪاري ناڻي جو پئسو سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪري پورو ڪرڻ چاهي ٿو، انهن کي 26 هين آئيني ترميم سان پنهنجي ڏهاڙي بند ٿيڻ جو خطرو نظر اچي رهيو آهي، مخالف ڌر جيڪو مرضي ڪري نئون پاڪستان ٺهي رهندو. قومي اسيمبلي ۾ 26 هين آئيني ترميم تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جون منڊيون لڳن، جتي پنهنجو ضمير پئسي لاءِ وڪرو ڪيو وڃي اهڙي معاشري جي قدر نه ٿي ٿي سگهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ماضي ۾ هتي بيهي هڪ ٻئي تي الزام بازي ڪندا رهيا، ڇانگا مانگا ۽ سينيٽر گلزار ان جا ڪردار آهن، اهو نظام تبديل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جمهوريت سان وجود ۾ آيو، قائداعظم جمهوريت پسند اڳواڻ هو. ان آئيني ترميم موجب جنهن جون جيتريون سيٽون بڻجن ٿيون انهن کي ايتريون ئي ملن، مخالف ڌر کي سينيٽ چيئرمين تبديل ڪرڻ تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو، اتي ووٽ وڪرو ڪرڻ وارا ويٺا آهن، ايف اي ٽي ايف جي دوران انهن ان ترميم جي مخالفت ڪئي، اها ترميم انهن سڀني جي مفاد ۾ به آهي، ان جي احتجاج جو بل سان ڪو تعلق نه آهي، انهن جي ليڊرن کي گاڊ فادر قرار ڏنو ويو، ڪي زمينن تي قبضا ڪري ويٺا آهن، ڪو ڊرگ مافيا، ڪو فارن فنڊنگ وٺي ٿو، اهي انڪشاف حافظ حسين احمد ڪيا، هينئر انهن جون چيخون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، هاڻي اهو معاملو انهن جي ليڊرن کان حوارين تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته اليڪشن ۾ خرچ ڪيل ڪاري ناڻي تي هتي ڪمائي ڪرڻي هوندي آهي، ان ترميم سان انهن جي ڏهاڙي بند ٿي ويندي، جيڪڏهن اهو بند ٿيو ته انهن جو گذر بسر ڪيئن ٿيندو. اسد عمر چيو ته آصف نواز جنجوعه کي رشوت طور بي ايم ڊبليو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان ۾ ڪامياب نه ٿيا ته پرڏيهي طاقتن سان گڏجي ڀارت جو بيانيو ڊان ليڪس جي صورت ۾ پاڪستاني فوج جي پٺيءَ ۾ ڇڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هي امپائر سان گڏجي کيڏن جي ڪوشش ڪندا آهن، ان لاءِ پاڪ فوج جي سربراهه، ڊي جي آءِ ايس آءِ جا نالا کڻي حملا شروع ڪري ڇڏيا، نواز شريف پاڻ لنڊن ۾ لڪي ويٺل آهي، هن ميمبرن کي سامهون بيهاري ڇڏيو آهي. چوري چڪاري واري جمهوريت کي عمران خان پاش پاش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اها جمهوريت بڻجڻ وڃي رهي آهي جيڪا آئين ۾ آهي، هتي عوام جي لاءِ اربين رپيا ورهائجن، مخالف ڌر جيڪا مرضي ڪري توهان پنهنجي ليڊر جي پٺيان تاريخ جي غلط طرف بيٺل آهيو. نئون پاڪستان ٺهڻ وڃي رهيو آهي، ٻڪرا منڊي بند ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو