169

وقت اچي ويو آهي ته ڪشمير جي انساني الميي کي ڪشميرين جي خواهش مطابق حل ڪيو وڃي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي سلام پيش ڪيو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي ظلم جو همٿ ۽ عزم سان مقابلو ڪري رهي آهي، ڪشميري عوام لاڪ ڊائون ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو به مقابلو ڪري رهي آهي. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انساني الميي ۽ ڪشمير واري معاملي کي ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو