148

افغان صوبي قندوز ۾ طالبانن جو سيڪيورٽي پوسٽ تي حملو، 16 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي قندوز ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي طالبانن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 16 اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. رپورٽن مطابق طالبانن رات دير سان قندوز جي ضلعي خان آباد جي علائقي تپاءَ اختر ۾ سيڪيورٽي آئوٽ پوسٽ تي حملو ڪيو. قندوز جي صوبائي ڪونسل جي ميمبر رباني طالبانن جي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملي ۾ 16 اهلڪارمارجي ويا آهن ۽ 2 زخمي ٿي، جڏهن ته طالبانن ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪيترائي ڪلاڪ يرغمال پڻ بڻايو. ٻئي پاسي طالبانن پاران اهڙي حملي جي تصديق يا ترديد هن وقت تائين ناهي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو