ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪراچي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيض الله ڪوريجو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالغفار کي هٽايو ويو آهي. رپورٽن مطابق ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪراچي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيض الله ڪوريجو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالغفار کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي کين اسلام آباد هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر حيدرآباد محمد وسيع کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪراچي ۾ مقرر شهباز خان کي بدلي ڪري انچارج سائبر ڪرائيم مقرر ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي وفاقي گهرو وزير جي هدايتن تي هٽايو ويو آهي. واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجو عهدو سنڀاليندي ئي سائبر ڪرائيم ڪراچي جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو هو.
