ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ يومِ يڪجهتي ڪشمير ريلي تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ يومِ يڪجهتي ڪشمير ريلي تي دستي بم سان حملو، نتيجي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
