سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ وزيراعظم عمران خان جا پوسٽر لڳايا ويا آهن. رپورٽن مطابق ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار واري ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ وزيراعظم عمران خان جا پوسٽر لڳي ويا آهن، جنهن تي لکيل آهي ته سمورن عالمي فورمن تي ڪشمير واري تڪرار کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ تي پاڪستان ۽ عمران خان جا ٿورا مڃيون ٿا. والاريل ڪشمير جي گادي واري هنڌ سرينگر ۽ وادي جي ٻين علائقن ۾ لڳايل اهي پوسٽر ڄمون ڪشمير لبريشن الائنس ڪشميري عوام پاران پاڪستان جو ٿورو ادا ڪرڻ لاءِ لڳايا آهن، جنهن تي وزيراعظم پاڪستان عمران خان جون تصويرون به نظر اچي رهيون آهن. پوسٽرن ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي ته ڪشميري عوام ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
