لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ناري کي مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇاپن وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي مزنگ واري علائقي جي رهواسڻ 20 ورهين جي ناري کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي ٻن جوابدارن مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي، پوليس ٻن جوابدارن احسان ۽ حسن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. متاثر ناري الزام مڙهيو آهي ته گهر وارن جي غيرموجودگي ۾ اڪيلو ڏسي پاڙي جي نوجوانن احسان ۽ حسن اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ سندن ٽئين ساٿي جي فون آئي جنهن تي هو مون کي اگهاڙي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او لاهور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
179