149

ڪشميرين سان ٻڌيءَ جو ڏهاڙو….

ليکڪ: زين سولنگي

ڪشمير جنهن لاءِ صدين کان وٺي ڌرتيءَ مٿان جنت هجڻ وارو تصور قائم ٿيل آهي، ان جنت جهڙي سرزمين جي ڊگهن وڻن، چشمن، آبشارن، درياهن ميون، گلن, سرسبز ماٿرين، برف پوش پهاڙن، سدا بهار رنگينين ۽ دلڪش نظارن سان گڏ هڪ پنهنجي الڳ سڃاڻپ، تهذيب، تمدن، شاندار تاريخ، لوڪ ادب، ثقافت، آرٽ، حب الوطنيءَ جون روايتون ۽ مزاحمتي ويڙهاند سڃاڻپ رهي آهي، آزاديءَ جوعشق ڪشمير جي عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، ڪشميري عوام جي دلين ۾ پلجندڙ آزاديءَ جي احساس کي اڄ به جيئن جو تيئن محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته دنيا جون مظلوم قومون آزاديءَ جا خواب ڏسنديون رهنديون آهن، اها آزادي جيڪا قومن کي تاحيات زندگي ارپي ڇڏيندي آهي، ڪشميري عوام پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ مسلسل مستقل مزاجيءَ سان جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيڪو انهن جو فطري حق آهي، ڇاڪاڻ ته انسان ازل کان آزاد ڄائو آهي ۽ آزاد رهڻ هن جو فطري ۽ بنيادي حق آهي، ”ڪشمير تي ڀارتي قبضو ناجائز ۽ غير منصفاڻو آهي“ اهو تاريخي جملو دنيا ۾ وڏي مقبوليت ماڻيندڙ اڳواڻ نيلسن منڊيلا  نام ڪانفرنس ۾ خطاب دوران ڀارتي وفد ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو، نيلسن منڊيلا دنيا جو واحد اڳواڻ هو جنهن نسلي فرق خلاف ڊگهي عملي جدوجهد ڪئي، ڊگهو قيد به ڪاٽيائين، جنهن ڪارڻ کيس ضمير جو قيدي پڻ قرار ڏنو ويو، منڊيلا دنيا کي خبردار ڪندي وڌيڪ چيو ته ” جيڪڏهن جلد ڪشمير مسئلي جو پرامن حل نه ڪڍيو ويو ته اهو عالمي امن ۽ علائقائي سلامتيءَ لاءِ ايترو ته خطرناڪ ٿي ويندو جو ايڪهين صديءَ جي سڄي دنيا ان جي وڪڙ ۾ اچي ويندي ۽ نام جهڙيون تنظيمون به بيڪار ٿي وينديون“ دنيا ۾ اڪثر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نالي سان منسوب هوندا آهن، جيئن پهرين مئي مزدورن جي ڏينهن طور مشهور آهي، اهڙيءَ ريت 5 فيبروري وارو ڏهاڙو ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جي اظهار جو ڏينهن آهي، اڄ پاڪستان سميت آزاد ڄمون ڪشمير توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ طور ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هر سال 5 فيبروريءَ تي عام موڪل هوندي آهي، هن ڏهاڙي تي والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن سان سندن آزادي لاءِ جاري جدوجهد ۽ آزاديءَ لاءِ وڙهندي حياتيون قربان ڪندڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي، درحقيقت هتان جا شهري اهو ڏهاڙو ڪشميرين تي ڀارتي غير قانوني ڪارواين خلاف ڪشميرين جي آزديءَ واري جدوجهد جي حمايت طور ملهائيندا آهن، ڀارت طرفان ڪشميرين تي اهو ظلم، ڏاڍ ۽ جبر 27 آڪٽوبر 1947ع کان جاري آهي، اهو ڏينهن ان ڪري به ملهايو ويندو آهي ته جيئن عالمي ڪميونٽي جو ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ ڌيان ڇڪايو وڃي، هن ڏهاڙي تي ڪشمير سان ٻڌي ۽ آزادي جي جدوجهد لاءِ ۽ ڪشميري شهيدن لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون آهن، ان سان گڏ تعليمي ادارن توڙي سرڪار طرفان پروگرام ڪيا ويندا آهن، جن ۾ ڪشميرين جي آزاديءَ واري جدوجهد ۽ سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي، هن ڏهاڙي تي صبح جو ڏهين وڳي ڪشميري شهيدن لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي، ان ڏهاڙي تي سياسي تنظيمون تقريبون، ريليون ۽ سيمينار پڻ ڪنديون آهن،ان ڏهاڙي تي اخبارون خاص اشاعتون جاري ڪنديون آهن، ٽيليويزن ۽ ريڊيو تي خاص پروگرام نشر ٿيندا آهن .والاريل ڪشمير دنيا جي انهن نرالن ۽ خوبصورت ترين خطن مان هڪ آهي، جيڪي قدرتي نعمتن توڙي سياحتي حوالي سان جڳ مشهور آهن، حقيقتن جي تقاضا هيءَ آهي ته هر قسم جا علائقا سمورين سهولتن سان مالا مال ۽ هر قسم جي ظلم ۽ جبر کان آزاد هجن، ته جيئن غير ملڪي سياح بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي اچي وڃي سگهن، ساڳئي وقت مقامي رهواسين کي پڻ پنهنجي ڌرتيءَ تي آزاديءَ سان جيئڻ جو حق حاصل هجي، پر بدقسمتيءَ سان جنت جهڙي ڪشمير واديءَ کي ڀارتي والار جي نتيجي ۾ دوزخ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، سنڌ جي سرزمين صدين کان پنهنجي تاريخي انسان دوست روايتن کي ورجائيندي پئي اچي، مظلومن جي حمايت ۽ ظلم جي مخالفت هر دور ۾ هن سرزمين جي رهواسين جو شيوو رهيو آهي، ڪشمير جيتوڻيڪ صدين کان غاصب ۽ ظالم قوتن جي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻيل رهيو آهي، انهن مظلومن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ جا رهواسي ٻڌيءَ جو اظهار ڪندا رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو