142

ڪامريڊ قادر بروهي متحرڪ ۽ باضمير محنت ڪش اڳواڻ..

ليکڪ: جي ايم گاڏهي

باڊهه ۾ سياست جو هڪ اهڙو دور به هو جنهن ۾ مزدورن جا وڏا وڏا ميڙاڪا ٿيندا هئا ۽ مزدور وڏو متحد هو، پورهيت تنظيمن ۾ طاقت هوندي هئي، مجال جو ڪو ٿاڻيدار پورهيت ۾ هٿ وجهي، وطن دوست مزدور فيڊريشن باڊهه ۾ ڪافي مضبوط هئي، اکئين ڏٺوسين ته مزدور هيٺ پٽ تي ويهي ڪانگريس جون ڪارروايون هلائيندا هئا خبر نه پوندي هئي ته ليڊر ڪير آهي يا ميمبر ڪير، هر ڪو گهران چانورن جي ماني ۽ تريل پٽاٽا کڻي ايندو هو ماني به سڀ گڏجي کائيندا هئا ٽولن جي صورت ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي ڪارخانيدارن وٽ ويندا هئا، چندو وٺندا هئا چندو گڏ ڪري شهيد اشرف جوڻيجو جي ورسي ملهائيندا هئا جيڪا اڄ نه ٿي ملهائجي، ان دور ۾ منهنجي هڪ ڪامريڊ سان ملاقات ٿي، ڪيئن ٿي ياد نه ٿو اچي، پر ايترو ياد ضرور اٿم ته پهرين ملاقات ۾ ئي اهڙو ته رشتو جڙي ويو جيڪو اڄ تائين جڙيل آهي، هو مون کي ائين لڳو جيئن ڪو وڏي يونيورسٽي مان پڙهي آيو هجي پر پوءِ معلوم ٿيو ته هن جي والد ڪنهن اسڪول جي رجسٽر ۾ نالو به داخل نه ڪرايو هو، پر پوءِ به هو عالمي سياست تي ڳالهائڻ جي سگهه به رکي پيو، اها سگهه ان کي پنهنجي ساٿين وٽان ملي هئي هن تقرير ڪرڻ جو فن به ساٿين وٽان سکيو آهي، هو ساٿين سان عشق ڪرڻ به سکيو آهي، هڪ دفعي جو واقعو ياد اچي ٿو مون ڪامريڊ کي چيو ته ٽنڊو ڄام پيو وڃان چيائين ته ٽنڊي ڄام جي ساٿي هوت خان گاڏهي وٽ وڃجو هو منهنجي لاءِ تحفو ڏيندو ان کي سنڀالي کڻي اچجو، هوت خان گاڏهي ته نه ملي سگهيو اهو گهربل تحفو مون باڊهه شهر مان وٺي ٻه شيون اضافي وٺي ڪامريڊ جي حوالي ڪيون، هڪ اجرڪ، ٻيو شاهه عبداللطيف جو رسالو ۽ ٽيون شيخ اياز جو ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ڏسندي ئي سڃاڻپ ڪيائين ته شاهه عبداللطيف جو رسالو ته اکين تي، شيخ اياز جو ڪتاب به اکين تي پر اجرڪ ٽنڊي ڄام جو ناهي ڇو ته ٽنڊو ڄام ۽ پنهنجي يار جي خوشبو پري کان سڃاڻيندو آهيان، هڪ دفعي گڏجي ڪراچي گهمڻ وياسين اتي ڪامريڊ پنهنجن مائٽن وٽ رهايو هن جا مائٽ ڪامريڊ جي طبيعت کان واقف هئا، اهي ڪنهن وڏي هوٽل ۾ وٺي کارائڻ پيارڻ بدران انٽرنيشنل ميوزيم ۾ وٺي هليا، جي ڀلجان نٿو ته انٽرنيشنل ميوزيم ۾ پهچڻ کان پهرين ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ موجود هو، جنهن سنڌو جي تهذيب جي شين تي هڪ ڪلاڪ ليڪچر ڏنو هو، ڊاڪٽر کهاوڙ ته گهڻ پڙهيو چئي سگهجي ٿو پر ڪامريڊ قادر کي گهڻ پڙهيو نٿو چئي سگهجي، پر هو اڄ به عالمي صورتحال تي سٺو ڳالهائي سگهي ٿو، پورهيت تحريڪن هن کي اهو به ضرور سيکاريو آهي ته رڳو پئسو ڪمائڻ انسان جي زندگي جو مقصد نه آهي، مقصد ڪو ٻيو هئڻ گهرجي، هن کي پورهيت تحريڪن مال ميڙڻ ڪو نه سيکاريو هو پاڻ به چوندو آهي ته پئسو ڪمائڻ اسان جي ضرورت آهي، ڇا مان ڪمائڻ انسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه ناهي؟ هن جي ڪرت ٻيڙي ٻاڌو آهي، هو هڪ غريب گهراڻي جو فرد آهي، اڄ به مٽي جي ڪچي گهر ۾ رهي ٿو پوءِ به فخر سان رهي ٿو، بک هوندي به هو ڍاول نظر ايندو آهي، اڄ سياسي وابستگي ايس ٽي پي سان اٿس ڇو ته وطن دوست مزدور فيڊريشن کي ايس ٽي پي ۾ ضم ڪيو ويو هو، شايد هن وقت ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر آهي، يا ڪو ضلعي جو عهدو اٿس، هو اڄ جي سياست ۽ ماضي جي پورهيت تحريڪن کي ڪيئن ڏسي ٿو ان بابت پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، اڄ سوشل ميڊيا تي ڏٺم ته باڊهه سوشل ويلفيئر آرگنائزيشن ڪامريڊ قادر بروهي سان شام ملهائي آهي، شام ملهائڻ تي باڊهه سوشل ويلفيئر وارا به جس لهڻن جن زندگي ۾ ڪامريڊ کي مڃتا ڏني آهي، ٿيڻ به ائين گهرجي نه ته اسان وٽ وري رواج اهو هوندو آهي هت مرڻ کانپوءِ ڪردارن کي ياد ڪيو ويندو آهي، جيڪو انتهائي غلط سنئوڻ آهي، حقيقت اها آهي ته ڪنهن به شخص کي جيڪڏهن مان ڏيڻو آهي ته اهو سندس زندگي ۾ ڏنو وڃي ۽ خاص ڪري پورهيت اڳواڻن جو سماج تي ايترو حق آهي جو کين مان ڏنو وڃي، اسان وٽ وري ٻيون رسمون ۽ رواج به آهن ته شام رڳو وڏن اديبن، دانشورن ۽ محققن سان ملهائي ويندي آهي پر انهن جي پورهئي کي به ظاهر ڪرڻ گهرجي، جن ٻئي جي لاءِ جيئڻ جي واٽ تي هلڻ سکيو آهي، ڪامريڊ قادر بروهي کان سواءِ باڊهه جا ٻيا ڪردار به آهن، جن جو سماجي خدمتن، سياسي ميدانن سميت مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ۽ ڪم رهيو آهي، آئون هتي نالا ڳڻائڻ ويهندس ته شايد لسٽ ڊگهي ٿي ويندي، آئون سمجهان ٿو ته  سوشل ويلفيئر سميت ٻين ادارن کي اڳتي اچي انهن کي به ضرور مڃتا ڏيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو